ڄامشورو: ٻن گاڏين وچ ۾ ٽڪر، ٽي ڄڻا فوت

ڄامشورو ( ويب ڊيسڪ ) ڄامشورو ۾ ٻن گاڏين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

ڄامشورو ۾ انڊس هاءِ وي وٽ گاڏين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويا جڏهن ته حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ريسڪيو ٽيمن موجب حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو آهي.

واضح رهي ته گذريل هفتي بدين ۾ تيز رفتار مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ اٺ ڄڻا فوت جڏهن ته 44 زخمي ٿي پيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.