آمريڪا ۾  يهودين جي عبادت گاهه ۾ فائرنگ……

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي شهر سان ڊياگو ۾ اڇي رنگ جي نسل پرست همراهه يهودين عبادت گاهه ۾ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت مارجي وئي جڏهن ته  ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

آمريڪا جي شهر سان ڊياگو جي اترين علائقي پووي ۾ 19 ورهين جي جوابدار جان آرنسٽ يهودين جي عبادت گاهه ۾ ان وقت فائرنگ ڪئي جڏهن ماڻهن جو وڏو انگ اتي عبادت لاءِ موجود  هيو.

جوابدار جي فائرنگ ۾ هڪ عورت مارجي وئي جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن پوليس حملي آور کي گرفتار ڪندي کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جوابدار کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يهودين جي عبادت گاهه تي فائرنگ جي مذمت ڪندي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته شڪي جوابدار کي پڪڙيو ويو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن زبردست ڪم ڪيو جنهن تي سندن ٿورائتو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.