متحده جو ڌار صوبي وارو رينگٽ ۽ سنڌ

رزاق عاصي

سنڌ صدين کان وٺي هڪ وطن رهيو آهي، جنهن جي حفاظت جون ڪهاڻيون قوم ۽ قومي هيروز جي تاريخ جي سيني ۾ سانڍيل آهن، تاريخ شاهد آهي ۽ قدرت جو به اهو قانون آهي ته ڪير ڪيترو به طاقتور هجي جڏهن به فطرت سان هٿ  چراند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ميسارجي ويندو. اسين ان راءِ جا آهيون ۽ اسان جو ايمان آهي ته فطرت جتي به پنهنجو وجود رکي ٿي ان کي رهڻو آهي ۽ رهندي. جيڪڏهن اسين ڳالهه ڪيون سنڌ جي ته صدين کان سنڌ صليبي ڪاهن کان ويندي غلامي دور به ڀوڳي چڪي آهي. سنڌ تي قبضا به ٿيندا رهيا، ارغونن، بنگولن، ترخانن کان ويندي انگريزن جي قبضي تائين جا سمورا دور به ڏسي چڪي آهي. هن ڌرتي جي پرامن قوم ڪڏهن به ڪنهن جي مٿان ڪاهه ناهي ڪئي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو سنڌي قوم هميشه ڀٽائي جي ان بيت ۾ زندهه رهي آهي ته: ”عالم سڀ آباد ڪرين“

هاڻ اچون ٿا سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ جا رينگٽ ڪندڙ ايم ڪيو ايم ڏانهن، جڏهن پاڪستان ٺهيو ته مذهب جي بنياد تي لڏپلاڻ ڪري ايندڙ مسلمانن کي سنڌ نه رڳو پناهه ڏني پر سنڌي قوم  انهن مهاجرن کي پنهنجي دلين ۾ جايون ڏنيون، توڙي جو هن ڌرتيءَ جا وارث نيم غلامي ڏانهن به ڌڪجي ويا، سنڌ جا وسيلا، تشخص، ٻولي به يرغمال بڻائي وئي پر چوندا اهن ته فطري طور قائم ڪنهن به حقيقت کي سواءِ جوڙيندڙ کانسواءِ ڪير ڊاهي نٿو سگهي نه ئي طاقت رکي ٿو. اهڙي نموني سنڌ ۽ سنڌي قوم پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکي ۽ رکندي. هاڻ جڏهن ايم ڪيو ايم پنهنجي ساڳي عروج تي به ناهي، پر پهرين ڏينهن کان جنهن لساني سوچ تحت ايم ڪيو ايم سامهون آئي هئي ساڳي سوچ تي اڄ به قائم آهي.

سنڌ ۾ اي پي ايم ايس او (آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن) نالي سياست ۾ قدم رکندڙ مهاجر قومي موومينٽ ۽ متحده قومي موومينٽ تائين سفر ڪندڙ لساني سوچ هاڻ ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ لنڊن ۾ ورهائجي چڪي آهي پر ڀاڱا ٿيل متحده ڪراچي ۾ عزيزآباد ۽ بهادر آباد طور به اسان جي سامهون آهي. ان کان اڳ متحده حقيقي ٺاهي آفاق احمد لساني لڏي مان ڌار ٿيو ( پر اڃا به سوچ اها لساني آهي)  هو ۽ پوءِ الطاف حسين جي سياسي جانشين قرار ڏنل اڳوڻو ڪراچيءَ جو ميئر مصطفيٰ ڪمال  ”پاڪ سر زمين پارٽي“ ٺاهي چڪو آهي.  جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي سياسي ايجندا ۽ منزل  ڏسجي ته اها نفرت تي ٻڌل هڪ ئي نعرو ۽ سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ واري سازشي سوچ آهي. اهڙي سوچ سرڪاري سطح تي ٻٽي نظام وقت انتظامي طور سامهون به آئي پر سنڌي قوم، سنڌ دوست سياست اهڙي سازش کي ناڪام بڻايو هو.

سنڌ اسمبلي اجلاس ۾متحده ايم پي اي محمد حسين چيو ته صوبي جو مطالبو  غيرآئيني، غيرقانوني ۽ ملڪ دشمني ناهي، اسيمبلي مان قانونسازي ذريعي الڳ صوبي جو مطالبو ڪري سگهجي ٿو. موصوف پنهنجي ڳالهه ته ايوان جي فلور تي ڪري ويو ۽ ميڊيا جو هن ڌيان ڇڪايو آهي پر هاڻ اسان کي سمجهڻو اهو آهي ته ڇا متحده جي ميمبر کي اها سڌ ناهي جو ڌار صوبي جي لاءِ انهن کي ڌار صوبي واري بل تي سنڌ اسيمبليءَ سئو سيڪڙو  حمايت گهربل هوندي، جنهن بعد بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ان بل کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ته تڏهن اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو.

بهرحال سنڌ نه ڀاڱا ٿيندي ۽ نه ڪير ڪري سگهي ٿو. پر مهاجر سوچ اڄ به پاڻ کي پناهه گير ئي سمجهي رهي آهي. تاريخ شاهد آهي ته دنيا ۾ مهاجرن لاءِ صوبا نه پر ڪئمپ ٺاهبا آهن. لڳ ڀڳ اڌ صدي جي سفر ۾ به انفرادي مفادن جي سياست ڪندڙ ايم ڪيو ايم جي لساني ليڊرن پنهنجي نئين نسل کي به ڌرتي جو ٿيڻ ناهي ڏنو. ان ڪري هو محض اهڙي نعري تي سياست ته چمڪائي سگهن ٿا پر ڪڏهن به پنهنجي بدبودار خوابن کي خوشبو دار تعبيرون ڏئي نه سگهندا. هن ڌرتيءَ تي هو سوين سال گذارڻ بعد به مهاجر ئي رهندا ۽ کين مهاجر رهڻ به گهرجي.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.