رپورٽ: دادو: پي پي ايڇ آءِ پاران ٽيڪن جي عالمي ڏينهن بابت جاڳرتا ريلي

دادو ۾ پي پي ايڇ آءِ پاران ٽيڪن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

ريلي کي خطاب ڪندي پي پي ايڇ آءِ جي مئنيجر گل رحمان عباسي، قطب الدين ڀٽي، ڊاڪٽر قربان ڀرڳڙي
۽ ٻين چيو ته مختلف خطرناڪ بيمارين جي بچاءِ لاءِ پيدائشي ٻارڙن کي 2 سالن اندر ٽڪا لڳرائڻ گهرجن.

هنن چيو ته سندن ٽيمون ضلعي دادو جي سمورن ڳوٺن ۾ ٽيڪا لڳائڻ لاءِ وڃن پيو.

پي پي ايڇ آءِ جي اڳواڻن چيو ته ٽي بي، پوليو، هيپاٽائيٽس،
وڏي کنگهه ڊائريا جهڙين خطرناڪ بيمارين کان بچڻ لاءِ ٻارن کي ٽيڪا لڳايا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.