اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت سڌارن واري ايجنڊا جي تحت وفاقي حڪومت جي 435 ادارن جي نئين سر جوڙجڪ جو فيصلو ڪري ورتو.
ان حوالي سان ڪابينا ڊويزن واري سيڪريٽري جي سربراهي ۾ سيڪريٽريز ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ادارن جي سڌارن واري سيل طرفان تجويزون پيش ڪيون ويون.
انهن تجويزن جي تحت وفاقي حڪومت جي 435 ادارن جي نئين سر جوڙجڪ جي تجويز ڏني وئي جڏهن ته مختلف ادارن کي ايگزيڪٽو کاتن ۾ تبديل ڪرڻ جون به تجويزون ڏنيون ويون.
اجلاس ۾ پيش ڪيل تجويزن جي تحت وفاقي حڪومت جي ڪل 435 دارن مان 45 کي پاڪستان سيڙپ ڪمپني جي حوالي ڪرڻ، 19 کي صوبن، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري، گلگت بلتستان جي حوالي ڪرڻ، 12 کي آزاد ادارن ۾ تبديل ڪرڻ، 43 ادارن کي ضم ڪرڻ، 228 ادارن کي خودمختيار ڪرڻ، 82 ادارن کي ايگزيڪٽو کاتن ۾ تبديل ڪرڻ جڏهن ته 6 کي ختم ڪرڻ شامل آهي.
سڌارن واري ايجنڊا جي تحت پيش ڪيل انهن تجويزن ۾ 29 وفاقي وزارتن، ڊويزنن سان سلهاڙيل ادارن کي ايگزيڪٽو کاتن ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز شامل آهي.
اهڙي ريت سنڌ، پنجاب رينجرز، ڪوسٽ گارڊز ڪراچي، ميرين فشريز ڪراچي، وفاقي جاچ اداري، نيشنل پوليس بيوو ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس کي به ايگزيڪٽو کاتن جو درجو ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ايگزيڪٽو کاتن جو درجو ڏيڻ واري تجويز ۾ ڊائريڪٽر جنرل آف سول ڊيفينس، ڊاڪٽر جنرل آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽس، ايف سي ڏکڻ، اتر خيبرپختونخواهه، ايف سي ڏکڻ، اتر بلوچستان کي به شامل ڪيو ويو.
سڌارن واري ايجنڊا جي تحت ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس، پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ( اين ايڇ اي) ۽ موٽرويز پوليس کي به ايگزيڪٽو کاتو بڻائڻ جي تجويز به پيش ڪئي وئي.
ان کان سواءِ ڊائريڪٽوريٽ آف ملٽري لينڊز اينڊ ڪنٽونمنٽ، فيڊرل گورنمنٽ ايجوڪيشنل انسٽي ٽيوشن ڪنٽونمنٽ کي به ايگزيڪٽو کاتن ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
گڏوگڏ ئي پاڪستان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي، اسٽاف ويلفيئر آرگنائزيشن، پاڪستان ريلويز پوليس کي به ايگزيڪٽو کاتن ۾ تبديل جون تجويزون پيش ڪيون ويون.
اجلاس ۾ جن ادارن کي ايگزيڪٽو کاتن ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، انهن ۾ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف حج ۽ عمره، انڊس واٽر ڪميشن ۽ پرڏيه پاڪستاني مشنز به شامل آهن.
ان کان سواءِ ڪابينا ڊويزن سان سلهاڙيل ابينڊنڊ پراپرٽيز آرگنائزيشن اسلام آباد، فيڊرل ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽرينگ سان سلهاڙيل نيشنل ٽيلنٽ پول ( اين ٽي پي)، معذور ماڻهن جي بحالي لاءِ قومي ڪونسل (اين سي آر ڊي پي) ۽ سماجي بهبود جي لاءِ قومي ڪونسل کي ختم ڪرڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي.
گڏوگڏ ئي پلاننگ اينڊ ڊيولپمن ۽ ريفارم ڊويزن سان سلهاڙيل نيشنل ڪنسٽرڪشن ڪمپني لميٽڊ اسلام آباد ۽ ڪشمير معاملن ۽ گلگت بلتستان ڊويزن سان سلهاڙيل جي ڪي اسٽيٽ پراپرٽي لاهور جي کاتن کي به ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.