آمريڪا سرينڊر ڪري ڇڏيو…..

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هٿيارن جي واپار واري عالمي معاهدي تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيشنل رائفل ايسوسيئيشن (اين آر اي) جي انڊيانا پوليس اسپورٽس اسٽيڊيم ۾ ٿيل سالياني اجلاس کي خطاب دوران هڪ دستاويز تي صحيح ڪندي گڏيل قومن جي هٿيار جي واپار واري معاهدي کي رد ڪيو.

سندس چوڻ هو ته هي معاهدو آمريڪي اقتدار اعليٰ لاءِ خطري جو سبب آهي.

صدر ٽرمپ آمريڪي سينيٽ کان درخواست ڪئي ته معاهدي جي منظوري واري عمل کي رد ڪيو وڃي ۽ رد ڪيل معاهدي کي منهنجي آفيس ۾ پيش ڪيو وڃي جيئن ان کي ٺڪاڻي لڳايان.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آئون ان معاهدي تان آمريڪا کي دستبردار ڪندس جنهن جي تحت روايتي هٿيارن جنهن ۾ ننڍا هٿيار، جنگي ٽينڪس، جنگي جيٽ ۽ سامونڊي جهاز شامل آنهن کي ريگوليٽ ڪيو ويندو آهي.

هن چيو ته منهجي انتظاميا گڏيل قومن جي آرمڊ ٽريڊ ٽريٽي کي ڪڏهن منظور نه ڪندي، اسان پنهنجي صحيح سان دستبردار ٿي رهيا آهيون، گڏيل قومن کي جلد باضابطا نوٽيس ملي ويندو ته آمريڪا ان معاهدي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

صدر خطاب ۾ چيو ته اسان پرڏيهي نوڪر شاهي کي هرگز اجازت نه ڏينداسين ته هو ٻي ترميم جي آزادين کي چيڀاٽي ان ڪري اسان گڏيل قومن جي هٿيارن واري واپار جي معاهدي جي منظوري نه ڏينداسين.

ياد رهي ته ٻي ترميم هٿيار رکڻ واري جي حق ۾ ضمانت ڏيندي آهي.

هوڏانهن وائٽ هائوس جو چوڻ آهي ته معاهدي تي نظرثاني کان پوءِ صدر ان دستاويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي 2013ع ۾ اڳوڻي صدر اوباما جي دور ۾ اڳوڻي پرڏيهي وزير جان ڪيري صحيح ڪئي هئي، هي معاهدو 2014ع ۾ وجود ۾ آيو جنهن جي هن وقت تائين 96 ملڪن منظوري ڏني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.