جاويد ميانداد ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ جي خاتمي جي مخالفت ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي عظيم بيٽسمين ۽ اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد ڊوميسٽڪ سطح تي ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ ختم ڪرڻ جي تجويز ڪيل منصوبي جي سخت مخالفت ڪندي چيو آهي ته ان نظام سبب ئي اسان ماضي ۾ ڪيترين ئي راندين ۾ عالمي چيمپيئن بڻياسين. ڪراچي پريس ڪلب ۾ اسڪواش جي عظيم رانديگر جهانگير خان، اڳوڻي اولمپيئن اصلاح الدين ۽ سليم جعفر سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي جاويد ميانداد چيو ته اسان اهي ماڻهو آهيون جيڪي ان ئي ڪلچر سان هتي پهتاسين ۽ اسان ان لاءِ ئي آواز اٿاريو هو، ڇو ته اهو سڀني کان سٺو نظام آهي. هن چيو مان يقين سان چئي رهيو آهيان ته جيستائين ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ ۽ راند هئي ته اسان ڪيترن ئي هنڌن تي عالمي چيمپيئن بڻياسين، جيڪڏهن پي آءِ اي نه هجي ها ته ٿي سگهي ٿو جهانگير خان نه هجي ها، ڇو ته اسان کي ملڪ ۾ معاشي مسئلا آهن، نوڪري سبب ڪو به ڪرڪيٽ يا هاڪي کيڏڻ نٿو چاهي، ماڻهو مجبور آهن ۽ انهن جي مجبوري جو فائدو ورتو پيو وڃي. جاويد ميانداد وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پاڻ اها ڪرڪيٽ کيڏي آهي، انگلينڊ ۾ ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏي آهي، اسان پئسي جي ڪري اتي وڃي ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين، مان پئسي جي ڪري پنهنجي والاد کي ڪرڪيٽ کيڏڻ نه ڏني ۽ کين پڙهايو، مون کي خبر آهي ته ڪرڪيٽ يا ٻي ڪا به راند تعليم سان گڏ نٿي هلي سگهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو روزگار آهي ۽ توهان ماڻهن کي روڪي رهيا آهيو، انهن کي کيڏڻ ڏيو، هر ڪنهن کي پنهنجي ٽيم ٺاهڻ ڏيو، مان بئنڪن ۽ ٻين ادارن کي چوندس ته توهان سهڪار ڪيو، ان سان توهان جي مشهوري ٿيندي ۽ توهان جي آمدني ۾ به اضافو ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.