راجن پور ۾ جهيڙو، فائرنگ، ڪيترائي مارجي ويا

روجهاڻ(ويب ڊيسڪ) روجهاڻ تحصيل جي علائقي ۾ ٻن قبيلن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا.

تفصيل موجب پنجاب جي ضلعي راجن پور جي تحصيل روجهاڻ ڪچي واري علائقي ۾ ٻن قبيلن جي وچ ۾ تڪرار ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب ٻنهي قبيلن جي وچ ۾ موٽر سائيڪل جي تڪرار تي تلخ ڪلامي ٿي جيڪا پهرين هاٿا پائي ۽ پوءِ فائرنگ ۾ تبديل ٿي وئي جنهن سبب ٿڏي تي ئي 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۽ لاش اسپتال پهچايا ويا جتي مارجي ويلن جي سڃاڻپ شهباز ۽ ڪريم جي نالن سان ٿي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ هن وقت تائين جاري آهي، پوليس جي ڳري نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي پر حالتن تي ضابطو ناهي اچي سگهيو جڏهن ته ٻئي پاسي زخمي ٿيل وڌيڪ 4 ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هن وقت تائين مارجي ويلن جو گڏيل انگ 6 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.