اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز والدين وٽان ڦريل ناڻو واپس ڪرائي سندن ڏکيائيون گهٽائي سگهن ٿا، پوءِ ڀلي اهي لنڊن يا پئرس وڃي مزا ڪن.
فيصل جاويد اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي پٽ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ کي صلاح ڏيندي چيو ته اهي ٻئي پنهنجي والدين کي ڦريل ناڻو موٽائڻ جو چون، ٻنهي خاندانن ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جون ٽيسٽ ميچون کيڏيون.
هن چيو ته جيڪي ووٽ کي عزت ڏيارڻ نڪتا هئا فرار ٿيڻ جو رستو ڳولي رهيا آهن، ضمانت تي رهائي ملڻ کانپوءِ نيلسن منڊيلا بڻجي ويندا آهن ۽ جيل ۾ پهچن ته بيمارين جو مجموعو بڻجي ويندا آهن.