اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قائم مقام چيني سفير ۽ چانئيز ايمبيسي جي ڊپٽي چيف آف مشن زولي جيان چيو آهي ته آءِ ايس پي آر پاڪ – چين لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهيو آهي.
زولي جيان آءِ ايس پي آر جو دورو ڪيو ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته آءِ ايس پي آر پاڪ – چين لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڀرپور نموني ڪم ڪري رهيو آهي.
ان کانپوءِ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي زولي جيان چيو ته پاڪ فوج جي ترجمان سان ملي سدائين خوشي ٿي آهي، پاڪ – چين لاڳاپن جي حوالي سان آءِ ايس پي آر جو ڪردار اهم آهي، چانئيز ايمبيسي آءِ ايس پي آر جي ڪردار جي واکاڻ ڪري ٿي.