فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته موجوده حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ صدارتي نظام آمريت جي علامت آهي، موجوده حڪومت اسان جي اسلامي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
فيصل آباد ۾ ختم نبوت ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت ملڪي معيشت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، موجوده حڪومت جي پاليسين سان رياست خطري ۾ پئجي وئي آهي، تحريڪ انصاف ملڪ ۾ غير سنجيدگي ۽ بي حيائي پيدا ڪئي.
سندس چوڻ هو ته اڄ تائين ڪنهن به مدرسي جي شاگرد کي نوڪري نه ملي، اسان رياست جو احترام ڪيو پر اسان کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو.