پرويز مشرف ڪڏهن موٽندو…؟ خبر پئجي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرويز مشرف جي وڪيل سلمان صفدر چيو آهي ته اڳوڻي صدر جي خاندان موجب هو پهرين مئي تي پاڪستان اچي رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي سلمان صفدر چيو ته پرويز مشرف پاڻ ۽ سندس گهرڀاتي به کيس پاڪستان اچڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن ۽ خانداني ذريعن موجب اڳوڻو صدر پهرين مئي تي پاڪستان ايندو.

هن چيو ته پرويز مشرف جي صحت گهڻي خراب آهي ۽ صحت جي حوالي سان گهٽ وڌ معمول بڻيل آهي، تنهن ڪري اڳوڻي صدر جي ڏيهه واپسي لاءِ سندس صحت ۽ عمر کي نظر ۾ رکندي ان جي ڊاڪٽر جي اجازت انتهائي اهم آهي پر پرويز مشرف ٻه مئي تي اسپيشل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي حوالي سان پرعزم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.