عثمان بوزدار نشتر اسپتال فيز ٻه جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو
uzdar lays foundation of Nishtar Hospital phase II
Share
ملتان ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار نشتر اسپتال فيز ٻه جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. نشتر اسپتال فيز ٻه جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي عثمان بوزدار چيو ته نشتر اسپتال معياري سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته او پي ڊي ۾ روزاني 6 هزار مريضن جي چڪاس ڪئي ويندي آهي، اسپتال ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي جا ماڻهو به علاج لاءِ ايندا آهن. سندس چوڻ هو ته منصوبو ملتان جي ماڻهن لاءِ هڪ تحفو آهي، نشتر اسپتال جي فيز ٻه کي پهريون شروع ڪرڻ گهرجي ها، ماضي جي حڪومتن جي غفلت سبب منصوبو دير جو شڪار ٿيو. عثمان بوزدار چيو ته پهرين مرحلي ۾ 500 بسترن تي ٻڌل اسپتال قائم ڪئي ويندي، نشتر اسپتال ٻه ۾ 120 بسترن تي ٻڌل ايمرجنسي وارڊ قائم ڪيو ويندو. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، عوام جي خدمت جو سفر جاري رهندو.