ڪراچي ۾ پوليس گرديءَ جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون آيو آهي، سي ٽي ڊي اهلڪار سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ تي هڪ صحافي تي حملو ڪري مٿس تشدد ڪيو ۽ سندس ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا.
سي ٽي ڊي اهلڪارن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ تي ڪوريج ڪرڻ تي خانگي ٽي وي چيئنل جي رپورٽر شوڪت ڪورائي کي تحويل ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.
اهلڪارن رپورٽر کي تشدد جو نشانو بڻائيندي سندس ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا جڏهن تھ اهلڪارن کائنس موبائل ڦرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي.
عدالت جي اڱڻ ۾ موجود عدالتي عملي صحافي کي سي ٽي ڊي اهلڪارن کان ڇڏايو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي ۽ آءِ جي ڪراچي غلام حيدر ٿيٻي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران سي ٽي ڊي اهلڪارن هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا ڪوريج روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تان اهلڪارن شوڪت ڪورائي تي تشدد ڪيو.
هوڏانهن صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب واقعي جو نوٽيس وٺندي اهلڪارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.
مرتضيٰ وهاب، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي کي فون ڪري معاملي جي غيرجانبدار جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
صوبائي وزير ، رپورٽر سان بداخلاقي ۽ تشدد ۾ ملوث اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي.
مرتضيٰ وهاب چيو تھ قانون کان ڪوبھ مٿانهون ناهي، پوليس اهلڪار عوام جا خادم آهن حاڪم ناهن.
هن چيو تھ انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون، جڏهن تھ رجسٽرڊ آفيس ۾ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي.
ڪراچي يونين آف جنرلسٽ جي صدر طارق ابولحسن ۽ سيڪريٽري عارف خان پاران واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
هنن چيو تھ صحافي شوڪت ڪورائي تي تشدد برداشت جوڳو ناهي ، ان عمل ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي فوري طور عمل ۾ آندي وڃي.
ڪي يو جي پاران عدالت کن بھ ان معاملي تي سوموٽو نوٽيس وٺڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي…………..