48 ملڪن جي شهرين لاءِ ويزا ۾ نرمي، نئين ويزا پاليسي جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت نئين ويزا پاليسي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت 48 ملڪن جي شهرين لاءِ ويزا ۾ نرمي ڪئي ويندي، نئين پاليسي 15 اپريل کان لاڳو هوندي. گهرو وزارت طرفان نئين ويزا پاليي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نئين ويزا پاليسي تحت 48 ملڪن جي شهرين لاءِ ويزا ۾ نرمي ڪئي ويندي، نئين پاليسي تحت شروعاتي طور ٽن مهينن جي ويزا جاري ڪئي ويندي. اهڙن ملڪن ۾ ايران، ملائيشيا، ترڪي، چين، سريلنڪا، آسٽريليا، ڊنمارڪ، برازيل ۽ جرمني شامل آهن جڏهن ته ڀارت، آمريڪا، برطانيا ۽ افغانستان لسٽ ۾ شامل نه آهن.  نئين پاليسي 15 اپريل کان لاڳو ٿيندي جنهن سان 48 ملڪن جي شهرين کي هوائي اڏي تي ئي ويزا جي سهولت مليل هوندي، جڏهن ته 48 ملڪن ۾ 12م لڪ جي سفارتڪارن کي به اها سهولت مليل هوندي.  نئين ويزا پاليسي تحت 31 ملڪن جا سفارتڪار ۽ سرڪاري پاسپورٽ هولڊر فائدو کڻي سگهن ٿا جڏهن ته پنجن ملڪن جا شهري عام پاسپورٽ تي نرمي مان فائدو کڻي سگهن ٿا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.