ڀارت ۽ يورپ ۾ چونڊن دوران گمراهه ڪندڙ ٽوئيٽس جي روڪٿام لاءِ ٽوئيٽر ” رپورٽ “ آپشن متعارف

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) سماجي رابطن واري مشهور ويب سائيٽ ٽوئيٽر ڀارت ۽ يورپ ۾ چونڊن دوران سيڪيورٽي سخت ڪندي گمراهه ڪندڙ ٽوئيٽس جي روڪٿام لاءِ ” رپورٽ “ آپشن جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي آهي.

ڀارت ۽ يورپ ۾ اڄڪلهه عام چونڊون ٿي رهيون آهن جتي ٽوئيٽر واهپيدارن کي ووٽنگ بابت گمراهه ڪندڙ ٽوئيٽن کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ سهولت فراهم ڪئي وئي آهي.

 ٽوئيٽر پنهنجي هڪ بلاگ پوسٽ ذريعي آگاهه ڪيو آهي ته گمراهه ڪندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ مواد تي ٻڌل ٽوئيٽس کي هاڻ فوري طور تي ” رپورٽ “  ڪري سگهبو ته جيئن ووٽنگ واري عمل دوران ڪنهن به ووٽر کي ڏکيائي جو منهن نه ڏسڻو پوي.

بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان قدم جي شروعات ڀارت جي لوڪ سڀا ۽ يورپ جي چونڊن کان ڪئي پئي وڃي ان کانسواءِ ” رپورٽ “ آپشن کي مستقبل ۾ هر ان ملڪ لاءِ استعمال ڪيو ويندو جتي جتي چونڊو هونديون.

ٽوئيٽر موجب هيٺ ڏنل ٽوئيٽ جي رپورٽ آپشن تحت شڪايت داخل ڪرائي سگهجي ٿي

 

اهڙي ٽوئيٽ جنهن ۾ پولنگ اسٽيشن جي غلط معلومات ڏنل هجي.

ووٽنگ جي تاريخ يا وقت غلط ٻڌايو ويو هجي.

ووٽنگ جو طريقيڪار غلط بيان ڪيو ويو هجي.

ووٽنگ لاءِ غلط دستاويزن جي آگاهي ڏني وئي هئي.

رپورٽ ڪيئن ڪري سگهبو ؟

 

گمراهه ڪندڙ ٽوئيٽ جي شڪايت داخل ڪرائڻ لاءِ ٽوئيٽ جي ساڄي پاسي ڏنل ڊراپ مينيو تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو جنهن ” رپورٽ ٽوئيٽ “ جو آپشن ڏنل هوندو.

جنهن کانپوءِ  its milsleading about voting جي آپشن چونڊ ڪرڻي پوندي مطلب اهو ته ٽوئيٽ ووٽنگ بابت گمراهه ڪري رهيا آهن.

هن آپشن ۾ واهپيدار پنهنجي شڪايت داخل ڪندو ته ڪيئن اها ٽوئيٽ ووٽر کي گمراهه ڪري رهي آهي جنهن کان پوءِ submit  يعني داخل جي آپشن تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو ۽ ائين واهپيدار گمراهه ڪندڙ ٽوئيٽ رپورٽ ڪري ڇڏيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.