لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته بلين ٽري سونامي جي ڪوڙ جا ثبوت به قوم سامهون اچي ويا آهن، نيب کان پڇڻو آهي ته ڇا بلين ٽري سونامي جي خبر هنن تائين پهتي آهي. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب جي هڪ ارب مان 90 سيڪڙو ٻوٽا گم آهن، عمران خان صاحب رڳو بلين ٽري سونامي آندو آهي، آڊيٽر جي رپورٽ ۾ بلين ٽري سونامي جي ڪوڙ جو ثبوت به قوم سامهون اچي ويو آهي، نيب کان پڇڻو آهي ته ڇا بلين ٽري سونامي جي خبر هنن تائين پهتي آهي. هن چيو ته 10 ڪروڙ ٻوٽن کي پنج ارب بڻايو ويو آهي، شايد سندس زبان ترڪي وئي هوندي، هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهرن جو خواب ڏسندڻ لاءِ گهٻرائڻ جو وقت اچي ويو آهي، پنج ارب وڻ اهڙي سياري تي لڳايا ويا آهن جتي 50 لک گهرن جي اڏاوت ٿي رهي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته 23 سالن جي ڊرامي جي حقيقت روز عوام سامهون اچي رهي آهي، شڪر آهي عمران خان صاحب اهو نه چيو ته پشاور ۾ لائٽ جي رفتار کان تيز ميٽرو لڳائي آهي.