لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان انڊر 19 ٽيم جو سريلنڪا جو دورو ختم ٿي ويو آهي. سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ دورو ختم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي آگاهه ڪري ڇڏي آهي.
قومي اسڪواڊ کي 30 اپريل تي ڪولمبو روانو ٿيڻو هو، ان دوري ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾2 چئن ڏينهن وارين ۽ 3 هڪ ڏيهن وارين مئچن جي سيريز رٿيل هئي پر سريلنڪا ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ ڪولمبو جي ڪجهه علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو آهي.
جنهن سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ جون سرگرمين کي به معطل ڪري ڇڏيو آهي.