حمزا شهباز شريف 30 اپريل تي نيب ۾ طلب، سوالنامو جاري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيب مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي 30 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ سوالنامو به موڪليو ويو آهي، کيس آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مبينا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.  نيب لاهور پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزا شهباز شريف کي 30 اپريل تي منجهند جو 3 وڳي طلب ڪيو آهي ۽ سوالنامو موڪليو ويو آهي، کيس آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مبينا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. سوالنامي ۾ حمزا شهباز کي جاري گذريل سال ۽ هلندڙ سال طلبي جي نوٽيسن ۾ داخل مختلف سوالن جا جواب طلب ڪيا ويا آهن.  حمزا شهباز کي 2005 کان هن وقت تائين سمورين ڪمپنين جي سيڙپڪاري، ڪمپنين جي قرضن، سلمان شهباز ۽ نصرت شهباز سان ڀائيواري جا تفصيل به فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. حمزا شهباز کي 2006ع کان 2008ع تائين ٽيڪس ريٽرنز ۽ ويٿل اسٽيٽمينٽ جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.