ڏهرڪي جي واهن مان پاڻي سڪي وڃڻ بعد مٽي مافيا سرگرم ٿي ويئي آهي تر جي بااثرن نارو واه تي قبضا ڪري هيوي مشينن ذريعي روزانو لکين رپين جي مٽي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن سبب واهه جا ڪپر ڪمزور ٿيڻ جو خدشو آهي.
بااثرن واهه جي ٻنهي ڪپرن تي ڏنڊا بردار ماڻھو بيهاري ڇڏيا آهن جيئن ڪو به ٽريڪٽر ٽرالي وارو مافيا جي مرضي بنا مِٽي کڻي نه سگهي.
مافيا پاران واهه مان وڏا وڏا کڏا کوٽي بنا ترتيب جي مٽي ڪڍي پئي وڃي جنهن ڪري واهه جا ٻيئي ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن ۽ رهڙڪي کان پاور پلانٽ تائين واهن جا ڪپر کاڄي ويا آهن.
ٻڌايو پيو وڇي تھ ڊي سي گهوٽڪي توڙي آبپاشي عملدار بھ مٽي مافيا اڳيان بيوس بڻيل آهن……………