اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پوليو ڪارڪنن کي سڪيورٽي خطرن کي نظر ۾ رکندي حڪومت سڄي ملڪ ۾ پوليو خلاف مهم معطل ڪري ڇڏي آهي. پوليو خلاف مهم جي خاتمي واري پروگرام چئني صوبن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان جي لاڳاپيل ادارن کي پوليو خلاف مهم معطل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پوليو خلاف مهم پشاور ۾ ٿيل تازن واقعن کي نظر ۾ رکندي معطل ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي ڪنهن به علائقي ۾ پوليو خلاف مهم نه هلائي ويندي.