زيادتي ڪيس ۾ قيد ساڌو آسارام جو پٽ به جنسي زيادتي جو ڏوهاري قرار

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ )  ڀارتي عدالت معصوم ڇوڪري سان زيادتي جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ڪاٽيندڙ هندو ساڌو آسارام جي پٽ نارائن آسارام کي به جنسي زيادتي ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب گجرات جي عدالت ۾ هندو ساڌو آسارام باپو جي پٽ نارائن آسارام تي جنسي زيادتي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

جج ڌرين جي دليلن ۽ ثبوتن جي روشني ۾ نارائن کي ڏوهاري قرار ڏيندي سزا ٻڌائڻ لاءِ ٽيهه اپريل جي تاريخ ڏئي ڇڏي.

نارائن آسارام تي جنسي زيادتي جو ڪيس 2013ع ۾ ٻن ڀيڻن داخل ڪرايو هو، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو هو ته  جوابدار آشرم ۾ تعليم جي سلسلي ۾ آشرم ۾ رهندڙ ٻن ڀينرن کي 2002ع کان 2005ع واري عرصي دوران لڳاتار زيادتي جو نشانو بڻايو هو.

واضح رهي ته  نارائن آسارام مشهور هندو ساڌو آسارام جو پٽ آهي ۽ آسارام پاڻ به جوڌپور زيادتي ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ڪاٽي رهيو آهي. ڀارت ۾ مندرن جي آشرم ۾ جنسي زيادتي جي ڪيسن کي تيزي سان اڪلايو پيو وڃي ۽ ڪيئي ساڌن کي سزا ٻڌائي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.