ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته وفاق کان پئسا نه ملڻ سبب ملازمن جون پگهارون ڪڍڻ مشڪل ٿي ويو آهي. هڪ وڊيو بيان ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته تعليم کاتو 140 ارب رپيه خساري جو شڪار آهي، وفاق کان پئسا گهرون ٿا ته ڍنگ جو جواب نه ملي رهيو آهي، اسان ڪٿان اسڪولن جو فرنيچر خريد ڪيون، ڪيئن نوان اسڪول قائم ڪيون. هن چيو ته نئين پاڪستان جو نعرو هڻندڙن کي ان ڳالهه جو اندازو ئي ناهي، نئون پاڪستان ته تڏهن ٺهندو جڏهن ٻارڙن کي سٺي تعليم ۽ بهتر ماحول مهيا ڪنداسين. سردار شاهه چيو ته ڪيترن ئي اسڪولن جي ڇت ڪري پوي ٿي، پئسا نه ٿا ملن ته ڪم ڪيئن ڪرائينداسين، ملازمن جي پگهار ڪڍڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، بجيٽ جي 170 ارب رپين مان 145 ارب رپيه ته پگهارن ۾ نڪري وڃن ٿا.