ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي شديد گرمي جي اڳڪٿي، هيٽ ويو الرٽ جاري

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي ايندڙ هفتي ڪراچي شهر ۾ شديد گرمي جي اڳڪٿي ڪندي هيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۽ ڀرپاسي ايندڙ هفتي شديد گرمي پوڻ جو امڪان آهي. پهرين کان 3 مئي تائين ڏينهن جو گرمي پد 40 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.  موسميات کاتي هيٽ ويو جو الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته هيٽ ويو دوران سامونڊي هوائون معطل رهنديون، جڏهن ته شهر ۽ ڀرپاسي سامونڊي هوائن بدران اتر ۽ اتر الهه کان گرم ۽ خشڪ هوائون هلي سگهن ٿيون. جناح اسپتال ايمرجنسي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر سيمي جمالي چيو ته سخت گرمي دوران خاص ڪري ڏينهن 11 وڳي کان شام چار وڳي تائين گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جيڪڏهن ضروري ڪم سان نڪرڻو پوي ته مٿي تي آلو لٽو رکيو وڃي، گرمي ۾ هلڪن ڪپڙن جو استعمال ڪيو، جسم کي آلو رکو ۽ وهنجڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته گرمي جو شڪار مريضن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا انتظام ڪيا ويا آهن جنهن ۾ 50 بسترن تي ٻڌل هڪ وارڊ قائم ڪيو ويو آهي، سموري اسپتال ۾ گرمي دوران منرل واٽر جو خاص انتظام ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.