سيوهڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي سرڪار ٽئڪس گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. ناڪام معاشي پاليسين سبب صوبا مالي مسئلن جو شڪار آهن. حضرت لال شهباز قلندر رحمت الله عليه جي عرس مبارڪ جي موقعي تي پاڪستان توڙي پرڏيهه مان لال سائين جا عقيدتمند مزار تي حاضري ڏيڻ ايندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت لال شهباز قلندر جي عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جي پڄاڻي تي مزار تي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اوقاف واري وزير فراز ڏيرو، ميمبر قومي اسيمبلي سردار سڪندر علي راهپوٽو پڻ ساڻس گڏ هئا. صوبائي سيڪريٽري اوقاف محمد نواز، ايڊيشنل آئي جي غلام سرور جمالي، ڊي آئي جي حيدرآباد محمد نعيم شيخ، ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ، چيئرمين شهباز ميلا ڪميٽي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ، سيد آصف علي شاهه, چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف منور علي مهيسر، ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم ۽ ٻيا موجود هئا. وڏي وزير چيو ته ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي کان پوءِ حڪومت جي معاشي صورتحال ڪمزور ٿي وڃي ٿي ۽ گورنر صاحب کي معاشي معاملن جي ڄاڻ نه آهي ۽ نه ئي سندس اهو ڪم آهي. وڏي وزير چيو ته ٽيڪس جمع ڪرڻ ۾ وفاقي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ وفاقي حڪومت جيڪو به ٽيڪس وصول ڪري ٿي ان ۾ صوبن جو 57.5 سيڪڙو حصو آهي، ناڪام معاشي پاليسين سبب صوبا مالي مسئلن جو شڪار آهن. صدارتي نظام بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته صدر عارف علوي بيان ڏنو آهي ته ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ ۽ صدارتي نظام بابت خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. وڏي وزير چيو ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سميت هر باشعور شخص جو موقف آهي ته جمهوري نظام هلڻ کپي پر ڪجهه ماڻهو جيڪڏهن جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ چاهين ٿا ته الله سائين انهن کي هدايت ڏي. سيوهڻ ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته نه صرف سيوهڻ پر پوري صوبي توڙي ملڪ ۾ ڪٿي به نئين ترقياتي اسڪيم شروع نه ٿي آهي، وڏي وزير چيو ته اين ايف سي مان سنڌ کي 120 ارب روپيا گهٽ مليا آهن ۽ وفاقي حڪومت تحت هلندڙ ترقياتي ڪمن لاءِ پڻ 11 ارب روپيا گهٽ مليا آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪڻڪ جي خريداري نه ڪرڻ جا ڪجهه سبب آهن جن ۾ هڪ گذريل سال جي اسٽاڪ جي موجودگي کان سواءِ ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ سبسڊي جو معاملو آهي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت وٽ پئسا نه آهن. وڏي وزير چيو ته عمران خان معذرت ڪرڻ جو هنر سکيو ئي نه آهي ۽ مونکي نٿو لڳي ته وفاقي حڪومت جي گاڏي اڳيان هلي سگهندي.03