اتر وزيرستان ( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان جي تعلقي شيواه ۾ ليويز چيڪ پوسٽ تي ڌماڪي سبب ٻه ليويز اهلڪار شيد ۽ ٻه زخمي ٿي پيا آهن.
اتر وزيرستان جي تعلقي شيواه ۾ ليويز چيڪ پوسٽ تي ڌماڪي سبب 2 لويز اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا. ذريعن موجب ڌماڪو ملڪ شاهي جي علائقي رغزئي ۾ ٿيو. بارودي مواد چيڪ پوسٽ جي ويجهو لڳل هو.
ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن ۾ امير زمان ۽ عبدالولي شامل آهن. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته اهلڪارن جيئن ئي چيڪ پوسٽ تي پهتا ته ڌماڪو ٿيو، شهيد ۽ زخمي مقامي اهلڪار آهن.