اسپيڪر جي سربراهي ۾ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي قائم، بلاول ۽ شهباز شامل

اسلام آباد( م ڊ)  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن جو سربراهه هو پاڻ هوندو. جنهن ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر شامل ڪيا ويا آهن. پارلياماني ڪميٽي ۾  پ پ چيئرمين  بلاول ۽ مخالف ڌر اڳواڻ  شهباز  شريف به شامل آهن، جڏهن ته بي اين پي سربراهه اختر مينگل، پرڏيهي وزير  شاهه محمود قريشي.  اعظم سواتي، متحده اڳواڻ خالد مقبول صديقي،  طارق بشير چيما به ميمبر هوندا. خالد مگسي، غوث بخش مهر ۽ ٻيا به شامل هوندا. ڪميٽي هر 15 ڏينهن بعد نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو وٺندي. ڪميٽي اهم قومي معاملن تي غور ڪندي. فوجي ۽ سول عدالتن جي ڪيسن تي غور ڪري اهم قومي معاملن تي سفارشون پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪندي. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.