جست اوڀر ڪراچي جو اڳواڻ سليم سومرو 57 ڏينهن بعد آزاد

ڪراچي(پ ر) ڪراچي 57  ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل جيئي سنڌ تحريڪ ڪراچي ضلعي اوڀر جو اڳواڻ سليم سومرو آزاد، ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي جاري ڪيل بيان موجب جست سربراهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي ،عبدالفتاح چني، رحمان جتوئي، گدا ڪنگي، احمد انقلابي،  خالق خاصخيلي ۽ مسعودشاهه اهڙي تصديق ڪندي چيو آهي ته  18 فيبروري 2019ع تي جيڪب آباد کان ڪراچي ايندي نوري آباد وٽان وين (گاڏي) مان کنڀيي گم ڪيل جيئي سنڌ تحريڪ ڪراچي ضلعي اوڀر جو اڳواڻ سليم سومرو آزاد ٿي گھر پھچي ويو، سليم سومرو کي ڪالهه ڀريا روڊ ڀرسان بدترين زخمي حالت ۾ ڇڏيو ويو آهي، اسان سمجھون ٿا ته ھن ملڪ جا ادارا پنھنجي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ اسان جي پرامن قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري انهن تي ذھني ۽ جسماني ۽ انسانيت سوز تشدد ڪري رھيا آھن، سنڌ اندر خوف ۽ حراس ڦهلائي رھيا آهن، سنڌ سميت سڄي ملڪ مان جبري طور کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ  پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.