ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن فورسز پاران اوڀرين علائقي ۾ ڪارروائي دوران ٽن آپگهاتي بمبارن سميت 15 ڄڻا مارجي ويا.
عالمي ميڊيا جي رپورٽ موجب سريلنڪن فوج جي ترجمان ٻڌايو آهي ته جمعي واري رات فورسز اوڀرين علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي جتي فورسز ۽ شدت پسندن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن کان پوءِ علائقي مان ڇهن ٻارن سميت پندرنهن ڄڻن جا مڙهه هٿ آيا آهن.
پوليس ترجمان جو چون آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽن شڪي آپگهاتي بمبارن سميت 15 ڄڻا مارجي ويا آهن. سريلنڪن فوج جي ترجمان موجب فورسز اوڀرين علائقي ۾ قائم هڪ گهر ۾ داخل ٿيڻ ڪوشش ڪئي، ان دوران ٽي ڌماڪا ٿيا جنهن کان پوءِ فورسز گهر تي ڇاپو هنيو جتي وڏي مقدار بارودي مواد لڪايو ويو هو.
فوجي ترجمان طرفان ڄاڻايو ويو آهي ته مارجي ويل شدت پسند شڪي طور تي نيشنل توحيد جماعت ( اين ٽي جي ) جا ميمبر هئا، واضح رهي ته ان ئي تنظيم کي ايسٽر ڌماڪن جو ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي.
ٻئي پاسي پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي موجب سريلنڪن فورسز جي آپريشن دوران ٽن آپگهاتي بمبارن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ويلن ۾ 6 ٻار ۽ 3 عورتون به شامل اهن.