سچل ڳوٺ ڪراچيءَ جي سڄاڻ ساٿين کي ھميشه اھو اعزاز حاصل رھيو آھي جو ھنن سدائين سنڌي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ پئي پاڻ پتوڙيو آھي. ھتان جو روشن تارا اسڪول ۽ شھيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائبرري ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو مرڪز بڻيل آھن. ھتي قائم ٿيل سنڌي ميڊيم اسڪول جھڙوڪ روشن تارا اسڪول، سچل پبلڪ اسڪول، حرا پبلڪ اسڪول، انڊس اسڪول سسٽم ماريا ملينيئم اسڪول ۽ ٻيا اسڪول سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏئي ھتان جي سنڌي آباديءَ جو ھڪ اھم مسئلو حل ڪري ڇڏيو آھي. سچل ڳوٺ واسين کي اھو به اعزاز حاصل آھي جو ھنن سدائين عالمن، اديبن، شاعرن ۽ ڏات ڌڻين جي نه رڳو ميزباني ڪئي آھي پر کين مڃتا به ڏني آھي. رسول بخش پليجو ھجي يا علي احمد بروھي، شمشيرالحيدري ھجي يا علي باب، آغا سليم ھجي يا قمر شھباز، امر جليل ھجي يا عبدالغفار تبسم، الطاف شيخ ھجي يا عبدالحئي پليجو، تاجل بيوس ھجي يا اقبال ترين پر سچل ڳوٺ واسين ھميشه کين ڀيٽا پيش ڪندي کين مانُ بخشيو آھي.
ھن ڀيري سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سچل ڳوٺ پاران سگا مرڪز جي سھڪار سان نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبدالحئي پليجي جي آتم ڪٿا جي چوٿين ڀاڱي ”ھڪ ٻي زندگي جي تمنا“ جي مھورتي تقريب ۽ رھاڻ منعقد ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، اھا سادي پر پُروقار تقريب روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ۾ منعقد ڪئي وئي، جنھن جي صدارت سِگا جي چيئرمين رفيق احمد جعفري ڪئي. عبدالحئي پليجو 42 ڪتابن جو ليکڪ آھي جنھن مان 17 سفرناما آھن جيڪي ھن 42 ملڪن گھمڻ کانپوءِ لکيا آھن. عبدالحئي پليجو پنھنجا ڪتاب پاڻ ڇپرائي ٿو ۽ ڪنھن به اداري کان ڪا مدد نٿو وٺي. ھڪ دفعي سنڌي ادبي بورڊ پاران کيس اھا آڇ ڪئي وئي ته سندس ٻه ڪتاب ڇپرايا ويندا ته پاڻ اھا آڇ اھو چئي ٿڏي ڇڏيائون ته ھو پنھنجا ڪتاب پاڻ ڇپرائيندو، اوھان ڪنھن اھڙي ليکڪ جا ڪتاب ڇاپيو جيڪو پاڻ ڇپرائي نه ٿو سگهي.
عبدالحئي پليجي تقرير ڪندي چيو ته سنڌي سماج واپار ۽ ڪاروبار جي گُرن کان بلڪل اڻ واقف آھي. ھن چيو ته سنڌ مان لڏي ويل سٺ لک سنڌي ھندن ھڪ ارب کان به وڌيڪ آبادي واري ملڪ ھندستان جي معيشت تي ڌاڪو ڄمائي رکيو آھي، ڇو ته ھو ڪاروباري گڻن کان واقف آھن. عبدالحئي پليجي چيو ته سنڌين لاءِ ڇوٽڪاري جو ھڪ ٻيو ذريعو اھو آھي ته ووٽ ڏيڻ واري ڏينھن پنھنجي ذاتي مفادن بدران ڌرتيءَ جي مفادن لاءِ ووٽ وجهن. ون يونٽ خلاف ھلايل ھلچل بابت بيان ڪندي ھن چيو ته اھا ستم ظريفي آھي جو سنڌين 1970 وارن چونڊن ۾ سائين جي ايم سيد جي مقابلي ۾ اھڙي شخص کي ڪامياب ڪيو جنھن ون يونٽ جي حمايت ۾ ووٽ وڌو ھو. سندس چوڻ ھو ته ڊئم ۽ بئراج ٺھڻ سان سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آھي. سنڌ ۾ ڌارين جي آمد 1947ع کان اڄ ڏينھن تائين جاري آھي. تعليم خاص ڪري نياڻين جي تعليم اسان کي جھالت کان ٻاھر آڻيندي. عبدالحئي پليجي وڌيڪ چيو ته زندھ قومون اھي ھونديون آھن جيڪي پنھنجو احتساب پاڻ ڪن. دنيا جي ڪيترن ئي مھذب قومن پنھنجي ڏوھاري ماڻھن جي قبر جو ٽرائل ڪيو آھي.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي چيئرمين رفيق احمد جعفريءَ پنھنجي صدارتي تقرير ۾ چيو ته سفر ڪرڻ آسان آھي پر حقيقتن ۽ واقعن جي صحيح منظر نگاري ڪرڻ ھڪ ڏکيو ڪم آھي، پر عبدالحئي پليجي سفرنامي سان خوب نڀايو آھي. ھن اعلان ڪيو ته ھو پڻ جلد پنھنجا سفرناما لکڻ شروع ڪندو. ھن چيو ته لکڻ ھڪ فن آھي جيڪو شعور ۽ سجاڳيءَ لاءِ ضرور عمل آھي. جعفري صاحب چيو ته الطاف شيخ کانپوءِ عبدالحئي پليجو وڏو سفرنامانگار آھي. تقريب کي خطاب ڪندي نامياري شاعر ۽ نقاد امداد حسينيءَ ڪتاب ۾ لکيل ڪن واقعن بابت وضاحت ڪندي چيو ته ون يونٽ خلاف جيڪا تقريب اولڊ ڪئمپس ۾ ٿي ھئي ۽ جنھن ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي شرڪت ڪئي ۽ اُن تقريب ۾ ڄام ساقي نه پر شريف ميمڻ شھيد ڀٽي کي ون يونٽ خلاف ڳالھائڻ جو چيو پر ھن نه ڳالھايو. ھُن چيو ته سنڌ کي ڪيترن ئي چيلينجز کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي، پر سنڌي قوم کي مڙني اختلافن باوجود سنڌ جي وجود ۽ ٻوليءَ جي معاملي تي ايڪو ۽ اتحاد قائم ڪرڻ پوندو. ھن چيو ته سرڪاري ادارن ۾ ھاڻ دم خم نه رھيو آھي ۽ اھي زوال پذير آھن، ان ڪري اھو چئلينج اسان سڀني کي گڏجي حل ڪرڻو آھي ۽ سِگا کي اھم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ ليکڪ کي خراج پيش ڪندي پنھنجي تقرير ۾ چيو ته عبدالحئي پليجو شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو مداح ھئڻ باوجود واقعن ۽ حقيقتن کي ايمانداريءَ سان نڀايو آھي. ھن چيو ته الطاف شيخ ۽ عبدالحئي پليجي جي سفرنامن ۾ وڏو فرق اِھو آھي ته الطاف شيخ جا سفرناما مسلمان جڏھن ته عبدالحئي پليجي جا لکيل سفرناما صوفي لڳن ٿا. ھن چيو ته پليجي صاحب جو واقعن کي جوڙي اڻت ڪرڻ وارو فن گھٽ ماڻھن وٽ آھي. ھن چيو ته ھڪ سروي موجب سراسري طور يورپي ماڻھو گهٽ ۾ گهٽ ٻه سئو ڪلاڪ سال ۾ پڙھي ٿو جڏھن ته مسلمان سال ۾ رڳو 6 منٽ پڙھي ٿو.
تقريب کي خطاب ڪندي نامياري شاعرا ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته اسين سوچيندا گهڻو آھيون پر لکندا گهٽ آھيون ھن چيو ته روزانو ھڪ صفحو لکڻ سان سال ۾ 365 صفحا لکي سگهجن ٿا ۽ ايئن ئي عبدالحئي پليجي پڻ ڪيو آھي. ھن چيو ته عورتن جي تعليم ۽ ٻارن جي تربيت کانسواءِ ٻين سان مقابلو ڪرڻ ڏکيو آھي.
سيڪريٽري جنرل سگا خالد حسين چنا چيو ته پليجي صاحب جا ڪتاب پڙھي ڪٿي سوچڻو ٿو پوي، ڪٿي روئڻو ٿو پوي ته وري ڪٿي کِلڻو ٿو پوي.
سنڌ سلامت جي سرواڻ محمد سليمان وساڻ اعلان ڪندي چيو ته پليجي صاحب جو ھي ڪتاب ”ھڪ ٻي زندگي جي تمنا“ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪيو ويو آھي. ان کانسواءِ پليجي صاحب جا لڳ ڀڳ سڀ ڪتاب ۽ سوين سنڌي ڪتاب سنڌ سلامت جي ويبسائيٽ تي آنلائين پڙھي سگهجن ٿا.
مھورتي تقريب کي سِگا جي وائيس چيئرمين، پيرل خان کوسو، منظور حسين اڄڻ، تاج محمد وساڻ، ولي محمد روشن ۽ سگا سچل ڳوٺ شاخ جي صدر رب نواز ڀٽو پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ ڪتاب جي مھورت ڪئي وئي ۽ عبدالحئي پليجي جي ادبي خدمتن جي عيوض سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران مڃتا شيلڊ پڻ ڏني وئي. ان موقعي تي ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا جن تي پليجي صاحب سميت مختلف ليکڪن ۽ شاعرن جا ڪيترائي ڪتاب وڪري لاءِ موجود رھيا. پروگرام ۾ بيدل مسرور، ڪرم الاھي چنا، اقبال چنا، محمد حنيف سومرو، حسين بخش ناريجو، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، ضياءَ ابڙو، وحيد محسن، سگا جي اڳواڻن، سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن، استادن، نوجوانن ۽ عورتن جي وڏي انگ ۽ عبدالحئي پليجي جي خاندان شرڪت ڪئي .