سچن سرن سان لنئون لڳائيندڙ لاڙڪاڻي شھر جو ھڪ خوبصورت ۽ نهايت ئي مٺي آواز جو مالڪ آواز ۽ انداز جو شھزادو راجا منظور علي به آھي. سندس آواز ھوبھو استاد منظور سخيراڻيءَ سان ملندو آھي ننڍي عمر ۾ هزارين مداح پيدا ڪرڻ واري راجا منظور جو اصل نالو شاهجهان پٺاڻ آھي پاڻ 7 جولاءِ 1983 سن ۾ وڏي مڇي مارڪيٽ غريب مقام محلي ۾ پيدا ٿيو سندس تعليم پرائمري پنج درجا ديني مدرسي ۾ پڙھيو مئٽرڪ به ڊي سي ھاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي انٽر سائنس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي سندس گھراڻو مذھبي مزاج جو آھي سندس ڳائڻ وڄائڻ کي گناھ عظيم سمجھندڙ سندس خاندان راجا منظور جي ڳائڻ وڄائڻ تي گهر ڀاتي رنجيدا ٿيا پر سڪيلڌي پٽ جي شوق آڏو گوڏو کوڙي ويھي رھيا، سندس مامي غلام محمد قريشي راجا کي تمام گھڻو ھمٿايو، اڄ سندس گائڪي مان ملندڙ هزارين مداح ان ڳالھه جو ثبوت آھن ته راجا منظور پنھنجو دلي مقصد ماڻي ورتو آھي، راجا منظور جو والد محترم منظور احمد پٺاڻ مزدور طبقي سان واسطو رکي پيو پاڻ لاڙڪاڻي جي مشھور چوڪ پاڪستاني چوڪ تي محمد عمر جي ھٿيارن واري دڪان تي ھٿيارن جو مستري آھي سندس ابا ڏاڏا به ان ڪم سان سلهاڙيل رهيا راجا منظور جا وڏڙا اصل ڳوٺ الھه رکيو جوڻيجو قمبر جا ھئا. ھن وقت راجا منظور نئون ديرو چوڪ عاقل روڊ تي رھائش پذير آھي، ۽ محمد عمر جي ھٿيارن جي دڪان تي مينيجر طور ڪم ڪندڙ آھي.راجا منظور سن 2011 ۾ شادي ڪئي سندس ونيءَ مان ٻن پٽن جو اولاد آهي وڏي پٽ جو نالو ذيشان آھي ۽ وري ننڍي پٽ جو نالو شان علي آھي.
ھو بهترين ڪلاڪار سان گڏوگڏ ذميوار والد به آھي. 40 آڊيو وڊيو آلبم سنڌ امڙ کي ڏيندڙ راجا 2003 ۾ پھريون آلبم استاد منظور فاروقيءَ جي ارم اسٽوڊيو ۾ رڪارڊ ڪرايو . شاهجهان مان سندس نالو يعنى تخلص راجا منظور علي استاد منظور فاروقي پيار مان رکيو ۽ اڄ تائين ڪيترا ئي سندس آواز جا ديوانا راجا منظور طور بخوبي سڃاڻيندا آھن. جنھن محبوب ماڻهو سان راجا بي انتھا محبت ڪئي ان دولت جي لالچ ۾ اچي دوکو ڏنو سندس راڳ جي دنيا ۾ پير پائڻ جو سبب پڻ اھو آھي، راجا منظور کي لڳل عشق جي ڪاپاري چوٽ ڳائڻ تي مجبور ڪيو، سندس چپن تي ان ويل سنڌ جي ٻھگڻي شاعر استاد بخاري جي ڪلام کان سندس فن جي شروعات ٿي جنھن جا ٻول آھن ”دوست ڪيا سي دلداريءَ لاءِ ڪن ٿا دل آزاري“ يا وري سائين عبدالغفار تبسم جا ٻول. ”ھا مان تنھنجي بنا ڪجھه به ته ناھيان“ اڪثر پنھنجي دوستن ۾ جهونگاريندو رھندو ھو. ائين ئي منظور سخيراڻي صاحب سان انسيت وڌي ۽ ان سان اھڙو ته راجا منظور جو دلي رشتو جڙي ويو جو منظور صاحب کي پنھنجو محبوب ۽ روحاني استاد ڪري ويٺو سڀ دنيا جا درد وساري بس ڳائيندو رھيو ۽ وري منظور صاحب به راجا منظور سان بي انتھا محبت ڪندو آھي ۽ سندس آواز جو منظور صاحب به پرستار آھي، منظور سخيراڻيءَ راجا کي دعائون، پنھنجون محبتون، کوڙ ساريون شاباسون ۽ ڪاميابي جون شڀ ڪامنائون ڏيندو رھي ٿو ھڪ ڀيري منظور صاحب جي بيٺڪ تي منظور سخيراڻيءَ راجا منظور کان پنھنجو ڳايل ڪلام ٻڌو تڏھن ازخود منظور صاحب کان ھي الفاظ سندس زبان تي تري آيا ته راجا واقعي تنهنجو آواز منهنجي آواز سان مونسان ملي ٿو تون اڳتي ھلي منھنجي ڏسيل رستي تي پنھنجي آواز جو جادو جڳائيندو رهندين.
راجا منظور جو پھريون آلبم 2003 ۾ فائيو اسٽار ڪمپنيءَ مان پروڊيوسر سريش ڪمار چاولا ۽ اجيت ڪمار چاولا وارن رليز ڪيو، ان البم جي ڪارڊنگ استاد منظور فاروقيءَ ارم اسٽوڊيو ۾ ڪئي جنهن جي سليڪشن اياز ڪورائي ڪئي، راجا منظور لڳاتار پندرنهن البم فائيو اسٽار ڪمپني لاڙڪاڻي طرفان سنڌ واسين جي نانءُ ڪيا، ان کان پوءِ سيٺ جواهر لال روپچنداڻي جي ڪمپني داتا پروڊڪشن ۽ صنم انٽرپرائيزز مان پڻ 8 اٺ البم ڪيا البمن جي آڊيو ريڪارڊنگ مرحوم وحيد کچيءَ داتا اسٽوڊيو ۾ ڪئي، انهن البمن جي سموري سليڪشن شاعر نويد ناز ڀٽيءَ ڪئي، انهن البمن ۾ ڪجھه وڊيو لائونچنگ شو به شامل آهن، ائين راجا منظور جو آواز سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجڻ لڳو، سندس آواز جا متوالا وڌندا رهيا ۽ سنڌ جا مشهور ڪيسٽي شاعر به ساڻس رابطي ۾ رهڻ لڳا اڄ جنهن مقام ۽ منزل تي راجا منظور پنهنجي سُريلي آواز سان پهتو آهي ائين گهٽ فنڪار پنهنجو رستو ماڻيندا آهن، راجا منظور جي 2003 ۾ داتا پروڊڪشن جي انچارج سنڌي ٻوليءَ جي سگھاري ڪوي نويد ناز ڀٽيءَ سان ملاقات ٿي، ھن ان کي شھرت جي بلندين تي پھچائي ڇڏيو راجا جي پھرين آلبم ۾ علي گل سانگي اياز ڪورائي ساگر شاھ جي شاعري موجود هئي، راجا منظور جا پسنديده پروڊيوسر هوّلارام چاولا، اصغر عباسي، رميش ڪمار چاولا، سريش ڪمار چاولا، صغير ڪيھر، راشد جھتيال، جواهرلال پچنداڻي ۽ ناز پروڊڪشن جو مالڪ جئه ڪشن جن رهيا آهن، ھن وقت تائين جن شاعرن جو ڪلام ڳايو آھي انھن ۾ استاد بخاري، عبدالغفار تبسم، فرزانه شاھين، عين سحر، علي گل سانگي، انور قمبراڻي، سانول ميرالِي، نويد ناز ڀٽي، اياز ڪورائي، عجب شيخ، عاجز عاشق تنيو، گلفام گل سانگي، گل ڪونڌر، صغير ڪيھر، گل محمد گوپانگ، مدھوش مظھر، روشن ٽوٽاڻي، برڪت بروهي، وسيم گوپانگ، بدر انصاري، شيخ نديم، نياز سولنگي ۽ سلطان جمالي جا نالا سرفھرت آھن. استاد الطاف سمون کان راڳ جي سکيا ورتي پر غربت سبب راڳ نه سکي سڱھيو پر راجا منظور مايوس ناھي ٿيو.
ھو ھاڻي سنڌ جي ڪلاڪار برڪت علي ڀٽ صاحب کان ۽ استاد محبوب سمون کان باقاعدا راڳ جي سکيا وٺي پيو. لاڙڪاڻي توڙي شھر کان ٻاھر سوين راڳ جون محفلون لٽي چڪو آھي سندس ڪريئر جو پھريون گيت ڪي ٽي اين چينل تان آن ايئر ٿيو جنھن جو شاعر فيروز جتوئي ھو جيڪو پڻ لائيو ٽيليڪاسٽ ٿيو ھو ان کان پو ڪشش ٽي وي تي 15 ڪلام آن ايئر آھن. مقبول ڪلامن ۾ علي جھڙا ڪوئي نھين،. قصيدو پاڪ منظور سخيراڻيءَ جي وڊيو آلبم ۾ رليز ٿيو داتا پروڊڪشن جي طرفان جنھن وڏي مقبوليت ماڻي سندس اھو قصيدو پاڪ مولا جي محبن جي چپن تي اڄ به گونجندو رھندو آھي ان کان علاوه چنڊ جھڙا پرين، اور اس دل مين ڪيا رکا ھي، ڀوري بدن تي، وري وسندا نه مينهن، ھل ھل ته ھلون دلڙي، تنھنجي يادن کي ٽارڻ ڪو چرچو ته نه ھو، ائين دلدار مونکي تنھنجي محبت جي ضرورت آ ۽ ڪيترائي ڪلام ساھ ۾ سانڍڻ جھڙا ڳائي چڪو آھي. تازو سندس البم جي رڪارڊنگ ايس ڪي اسٽوڊيو تي هلندڙ آهي، جنهن جي سليڪشن شاعر گلفام گل سانگي ۽ برڪت بروهي ڪري رهيا آهن ان البم کي رمضان المبارڪ جي عيد تي رليز ڪيو ويندو آخر ۾ راجا منظور پيغام ڏيندي چيو ته سنڌ ثقافت کاتي وارن کي گھرجي ته سنڌ جي ھر شھر ۾ راڳ جون اڪيڊميون کولين جيئن نون فنڪارن کي راڳ راڳڻين جي ڄاڻ حاصل ٿي ۽ استاد راڳين کي به ان جو معاضو پڻ ڏنو وڃي.