ٻلهڙيجي لڳ دريافت ٿيل قديم آثار:اعزاز پيرزادو

مُهين جو دڙو، سنڌو سڀيتا جو وڏي ۾ وڏو واپاري مرڪز ۽ ميٽروپوليٽن شهر هيو. 1922ع ۾ کوٽي ظاهر ڪيل مُهين جو دڙو اڄ سڄي دنيا اندر اسان جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو آهي. مُهين جي دڙي جي کوٽائي مان دريافت ٿيل شئين  کي  ڏسڻ سان ئي تنهن دؤر جي ماڻهن جي خوشحالي هجڻ جي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

اهڙيءَ طرح منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي کان 1ڪلوميٽر ۽ مُهين جي دڙي کان تقريبا 4 ڪلوميٽر پري ڏاکڻي طرف ڀڳي بند ۽ پنجاهين پهي جي ڀرسان سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي پاڻي جي لاٿ سبب 2ميٽر ويڪري ۽ 1ڪلوميٽر کان به وڌيڪ ايراضي ۾ ٺڪراٺو ظاهر ٿيو جنهن جو اطلاع منهنجي ڳوٺ جي ڌنارن ڏنو، مان انهن سان ٻئي ڏينهن تي صبح جو سائيٽ تي هلڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ اها رات مون صبح جو انتظار ڪندي جاڳي گذاري ۽ صبح ٿيندي ئي انهن ڌنارن سان گڏ ان جڳهه تي پهتس.

درياهه جي ڪپ تي ايتري مقدار ۾ ٺڪراٺو ڏسي ڪجهه وقت خاموش ٿي ڏسندو رهيس منهنجي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شعبي مان آرڪيالاجي جي ڊگري ڪيل آهي ڊگري ڪرڻ وارن چئن سالن ۾ سنڌ جي مختلف ماڳن جهڙوڪ: چانهون جو دڙو، نوابشاهه، لاکين جو دڙو، سکر، نهوٽو، عمرڪوٽ ۽ ڪاٺ ٻانڀڻ، ٽنڊو محمد خان انهن سڀني ماڳن جي ويجهڙ۾ ٿيل کوٽائين ۽ پراجيڪٽس جو مان به حصو رهيو هيس۔ انڪري مٿاڇري تي وکريل ٺڪراٺو (Pottery) ڏسندو وڌندو رهيس ۽ ايئن مون 1ڪلوميٽر کان وڌيڪ مفاصلي تائين موجود هي بي نام ماڳ گهميو ۽ گهمڻ دؤران هڪ سر جنهن جي ماپ 10×5×3 آهي، پٿر جي ٺهيل سرمي پيهڻ واري روهي، پٿر کي لسو ڪرڻ لاءِ ڪم ايندڙ پٿر ( Polisher Stone) هڪ ننڍي لوٽي جي ڍڪڻي جيڪا تمام هلڪي آهي، هڪ ٺڪر جو ٺهيل ڪيڪ جنهن تي ٺاهڻ واري جي آڱرين جا نشان موجود آهن ان کان علاوه ٺڪر جي مختلف قسم جي ٿانون جا ٽڪڙا مون Surface Collection طور کنيو.

ٻن ڏينهن کانپوءِ هڪ ٻي وزٽ ۾ مونکي هي ماڳ ڄڻ سنڌو درياهه مان جهاتيون پائي  مونکي چئي رهيو هجي ته مان تنهنجي شاندار ماضيءَ جي هڪ خوشحال نگري آهيان جنهن مٿان جيسين مهين جي دڙي جو پاڇو هيو تيسين ڪنهن به ميري اک سان نه ڏٺو هيو پر ان کان پوءِ منهنجي ڪنهن به سار نه لڌي آهي ۽ اڄ تائين سنڌو درياهه جي سير ۾ هڏڪيون ڏيندو رهيو آهيان. مان ٺڪراٺي کي غور سان ڏسي رهيو هيس ته اتان مونکي شطرنج راند جي پيادي جهڙي Artifact تي نظر پئجي وئي، جنهن مونکي پڪي شاهدي ڏني ته هتي وڏا ذهين ماڻهون ويٺل هيا جيڪي پنهنجي دؤر ۾ شطرنج راند پڻ ڪندا هئا.

مان ثقافت، سياحت ۽ قديم آثارن جي شعبي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ ڊي۔جي آرڪيالاجي منظور احمد ڪناسرو کي آرڪيالاجي جي شاگرد هجڻ جي حيثيت ۾ ڄاڻ سان گڏ التجا به ٿو ڪريان ته سنڌو درياهه مان جهاتيون پائي ڪنهن آرڪيالاجسٽ کي ڏسندڙ هنن آثارن کي بچائڻ لاءِ منهنجي مدد ڪريو ۽ آرڪيالاجي جي ماهرن سميت هن سائيٽ جي وزٽ ڪيو ڇو ته گرمين جي موسم ۾ سنڌو درياهه جيئن چاڙهه کائيندو ته هي آثار هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻي ۾ گم ٿي ويندا. هنن قديم آثارن کي بچائڻ سان شايد مهين جا دڙو جا لڪيل وڌيڪ راز به سامهون اچي وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.