سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائون اٽي ۾ لوڻ برابر آهن، جن جو هڪ سبب شايد سماج اندر اڻ برابريءَ وارو تصور هجي، ان باوجود ادبي کيتر ۾ ڪيترائي عورت ليکڪائن جا نالا ملن ٿا، جن ادب جي مختلف صنفن ۾ پاڻ مڃايو آهي. ڪهاڻي کيتر جي عورت ليکڪائن ۾ ثميرا زرين، نور شاهين، ڪلا پرڪاش، نور الهديٰ شاهه، سندري اُتم چنداڻي، ماهتاب محبوب، تنوير جوڻيجو، ماهتاب اڪبر راشديءَ سميت ڪيترائي اهم نالا آهن جن ڪهاڻيءَ جي دنيا ۾ پاڻ ملهايو آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورت ليکڪائن سينواريل هن سماج جا ڀيانڪ عڪس چٽيندي تاريخ سهيڙڻ جو ڪم پئي ڪيو آهي.
لاڙڪاڻي شهر سان تعلق رکندڙ آمنا سومرو جيتوڻيڪ هڪ محقق طور سڃاڻپ رکي ٿي، ويجهڙ سندس ڪهاڻين تي ٻڌل ڪتاب ”عورت ۽ احساس“ سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ڊاڪٽر آمنا سومرو بنيادي طور هڪ شاعره آهي، جنهن زندگيءَ جي تلخ تجربن کي شاعريءَ ۾ قيد ڪيو آهي، هن ڪتاب ۾ شامل سندس ڪهاڻين جا موضوع دردوندي ديس جي اهڙي روئداد آهن، جيڪي سماج جو ڀيانڪ روپ اسان سان گڏ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌي توڙي غير سنڌي اديبن تائين رسائي، سماج اندر عورت جو معاشرتي برابريءَ جي بنياد تي گهرڻ چاهيو آهي. ڊاڪٽر آمنا سومرو، سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار انيس انصاريءَ جي ”فن ۽ فڪر“ تي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ ڪري ادبي دنيا ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي.
ڊاڪٽر آمنا سومرو جو ڪهاڻين تي آڌاريل ڪتاب”عورت ۽ احساس“ ۾ 23 ڪهاڻيون شامل آهن. ڊاڪٽر آمنه سومرو، سنڌي ادب جي نهايت ئي سلڇڻي ۽ هڪ برجستي ليکڪا آهي، جنهن هميشه بنا ڪنهن ڊپ ۽ لالچ جي سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ لاڳيتو پئي ڪم ڪيو آهي، سندس فن صرف پنهنجي ڏيهه تائين محدود ناهي، پر سندس علمي وسعت پرڏيهه تائين پکڙيل آهي، جنهن ۾ هوءَ نهايت ايمانداريءَ سان لکندي رهي ٿي. جيڪا سندس صلاحيت ئي چئجي، ڇاڪاڻ ته هڪ عورت کي ڪيڏيون نه مشڪلاتون درپيش هونديون آهن.
هن ڪهاڻين جي ڪتاب ”عورت ۽ احساس“ ۾ ڪهاڻيڪاره ”نه وسرندڙ سار“ ۾ ٻن سنگتياڻين ”پرهه ۽ سونهن“ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي هڪ اسڪول کان ڪاليج تائين گڏ پڙهنديون آهن. جن ۾ هُن ڊائلاگس ۾”پيار“ کي پوتر ۽ امرت ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، ساڳي جاءِ تي هوءَ جڏهن زندگي جي تلخ حقيقتن کان آشنا ٿئي ٿي ته هوءَ: ڪردارن ذريعي سموري وارتائن کي بيان ڪرڻ چاهي پئي” جيڪي هڪ عورت سان سندس شاديءَ کانپوءِ پيش پيش هونديون آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيڪاره جي اها لڪل نراسائي به پڙهندڙ کي محسوس ٿيندي جيڪا هُن پنهنجي تمام ويجهي کان محسوس ڪئي هوندي آهي، اها محسوسات کيس اڪيلائيءَ جي آسمان تان محبوب جي هڪ مرڪ لاءِ تان تارا لاهي سندس سُک ۽ سلامتي لاءِ هميشه آسوند رهندي آهي.
سندس ٻي ڪهاڻي“سگهڙ” ۾ هڪ الهڙ ڇوڪريءَ فضيلا جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن جي زندگيءَ جو فيصلو سندس ماءُ هٿان ٿيندي ڏيکاريو آهي، سندس ماءُ جيڪا اڻ پڙهيل هجڻ سبب ڌيءُ جي پسند ۽ ناپسند جو احترام نه ڪندي کيس هڪ اڻ پڙهيل ماسات سان پرڻائڻ ٿي چاهيو. هن ڪهاڻيءَ ۾ سماج ۾ مروج انهن پراڻين ڪڌين ريتن ۽ رسمن جي اپٽار ٿيل آهي، جيڪي اڄُ جي جديد دور ۾ ساڳي ئي نموني مروج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ ڪهاڻي“پتلي نما زال” ۾ سنجها جو شعيب سان شادي جو بيان، سنجها جي سونهن تي مرندڙ شعيب جو ذڪر آهي، جنهن سنجها سان بي وفائيءَ جو پڙهي، يقينن پڙهندڙ کي اٻهرن نوجوانن تي ڪجهه سوچڻ جو موقعو ملندو، جيڪي اڪثر اٻهرائيءَ ۾ نه صرف هڪ عورت کي محبوبا بڻائي سهانا سپنا ڏيکارڻ جا ماهر هوندا پر ساڻن دوکو به ڪندا آهن، شادي کانپوءِ اهڙا نوجوان انهن ڇوڪرين جي خواهشن جو احترام ناهن ڪري سگهندا، نه ئي سندن خواهشن جو ڪو پورائو ڪندا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيڪاره پيار جو ڍونگ ڪندڙ نوجوانن جو ذڪر ڪري ٿي، جيڪي شاديءَ بعد پسنديده ونين کي پيار کان به محروم رکندا آهن، هن ڪهاڻيءَ ۾ سنجها کي شعيب روايتي مرد جيان پيش ٿيل ڏيکاريو آهي، ان کان علاوه اهڙن اوباش قسم نوجوانن کي سندن نفسيات جانچي کين سماج آڏو ڇوڪرين کي جسماني پورائي جو محض ثمر سمجهندڙ رڪن ڄاڻايو آهي، جيڪو انسانيت کي ڇيهو رسائيندڙ آهي.
ڪهاڻي”حاصلات“ ۾ ڪهاڻيڪاره حسن آرا جي حياتيءَ جو سمورو احوال ڪيو آهي، جنهن کي سندس والدين سندس هڪ سئوٽ سان پرڻو ڪرائين ٿا، جنهن بعد حسن آرا جي زندگيءَ جا سهانا سپنا ڀرندي ڏيکاريو آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيڪاره ٻين ڪهاڻين جيئن عورت مٿان مرد جي ظلم کي عيان ڪرڻ چاهيو آهي، ۽ عورت کي مظلوم ڏيکاريو آهي، جيڪو هن دور جو هڪ الميو رهيو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ عورت جي انا کي ظاهر ڪيو ويو آهي، جيڪا پنهنجي اکين تان انا واري عينڪ لاهڻ جو نانءُ نه ٿي وٺي، هن ڪهاڻي ۾ اهڙين عورتن کي احساس ناهي هوندو نه ئي ڪا دل جنهن جي بدولت هو پنهنجي پٽاڻي توڙي نياڻين جو ڪو خيال رکي سگهي.
ڪهاڻي”پرسنٽيج“ ۾ ڪهاڻيڪارا سينواريل هن سماج اندر موجود ڪرپٽ سسٽم بابت ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ هن اهڙيون ڳالهين تان پردو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن تي شايد اڳ ڪنهن قلم کنيو هجي. جيتوڻيڪ “پرسنٽيج” واري روايت اسان وٽ ڪن زمانن کان وٺي مروج آهي، جيڪا هر ڏينهن وڌي وڻ ويڙهي جيان اسان کي ويڙهيندي ٿي رهي.
ڪهاڻي”سوچ“ ۾ ڪهاڻيڪارا هڪ سهڻي نينگر نماڻيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا پرڏيهه لڏي وڃڻ باوجود پنهنجي ڳوٺ وارن جي اهنجن کي سهنجن ۾ تبديل ڪرڻ جا خواب اکين ۾ سمايون، واپس وري ڳوٺاڻن کي درپيش مٺي پاڻيءَ جي کوٽ، نياڻين جي تعليم سميت انيڪ مسئلن جي حل لاءِ ساڻن ميل جول ڪري ٿي ۽”ڳوٺاڻن کان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ جو وچن وٺي ٿي“. ان ڪهاڻي ۾ نماڻيءَ جي اهڙي رويي مان سندس حُب الوطني کي ظاهر ڪيو ويو آهي.
هن ڪهاڻين جي ڪتاب ”عورت ۽ احساس“ جو مهاڳ برک اديب مدد سنڌيءَ لکيو آهي، جڏهن ته پيش لفظ پروفيسر عابد مظهر لکيو آهي، ڪتاب جو ٽائيٽل مصور منگي ڊزائين ڪيو آهي.
ڪتاب ۾ شامل سموريون ڪهاڻيون سنڌي ادب جو قيمتي اثاثو آهن.