ڪتاب ”ڳالهيون ڳجهه اندر جون“:سلطانا وقاصي

فنا جي رستي کان گذري بقا کي پنهنجي منزل ٺاهڻ وارا هي ٻه مسافر جناب اي ڪي بروهي ۽ پروفيسر زاهد علي مگسي، اڄ اسان هنن جي ڪاڄ ۾ گڏ ٿيا آهيون هي ڪاڄ ڪوٺايو ويو آهي. پروفيسر زاهد علي مگسي جي وارثن ۽ اسان انهن جا مهمان آهيون..

ها سچ پچ اسان مهمان آهيون. انهيءَ منزل جا راهي آهيون جتي انت فنا آهي جسماني طور فاني پر بقا جي منزل تي پهچڻ وارا قلم ڌڻي علم وارا ڪڏهن به فاني ڪونه ٿيندا آهن. ذڪر آهي ٻن شخصيتن جو هڪ جو جنم خيرپور ناٿن شاهه ۽ دادو شهر ۾ ٿيو. هڪ ٻئي کان الڳ اجنبي ذاتيون ڪڙم قبيلو الڳ نه ڄاڻ نه سڄاڻ پر پاڻ ۾ ڳنڍجي پيا قلم ۽ علم جي ڪري قلم ساڻ کڻي علم جي پيچري تي هلندڙ هنن ٻڻهي شخصيتن جي باري ۾ پڙهي ڄاڻ حاصل ڪري جيڪي مونکي هڪجهڙايون مليون آهن سي مون لاءِ حيران ڪندڙ ڪونه آهن، مون ڪيترن قلم ڪارن، علم وارن، ادب دوستن کي مون جيترو پڙهيو آهي ته مونکي انهن ۾ ڪافي هڪجهڙايون نظر اينديون آهن. هاڻ جڏهن ڳالهه هنن ٻن شخصيتن جي باري ۾ ڪرڻي آهي. انهن جي رستن، پيچرن منزلن جي هڪ جهڙائي حيران ڪندڙ ۽ سمجهڻ واري آهي. الله بخش بروهي جيڪو اي ڪي بروهيءَ جي نالي سان مشهور آهي. ان سنڌ مدرسي مان مئٽرڪ پاس ڪئي ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي پاس ڪيائون. سڀ کان پهرين سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائون. بعد ۾ وڪالت جو پيشو اختيار ڪري مختلف عهدن تي رهي وڏو نالو ۽ عزت حاصل ڪيائون.

پروفيسر زاهد علي مگسي جو والد مولانا عبدالرحيم مگسي سنڌ مدرسي ۾ فقه جو استاد هو. قرآن شريف جو ترجمو به سنڌيءَ ۾ ڪيل اٿس. جڏهن زاهد علي مگسي صاحب ٽن مهينن جا هئا ته سندن والد گذاري ويو. انهن جي زندگي شروع ٿي دادو ۽ حيدرآباد شهر مان حيدرآباد شهر مان اعليٰ تعليم حاصل ڪيائون. ايل ايل بي جي ڊگري به ورتائون. پڙهائيءَ جي دوران پروفيسر الياس ابڙي ۽ علامه دائود پوٽي کان رهنمائي حاصل ڪيائون. هوڏانهن وري اي ڪي بروهي صاحب سنڌ جي مهان ڏاهي مفڪر، استاد، شاهه لطيف جي پارکو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پهرين وائيس چانسلر محترم علامه آءِ آءِ قاضي جو نه صرف شاگرد هو پر اُنهن جي گهر جو ڀاتي هو. علامه آءِ آءِ قاضي ۽ محترمه ايلسا قاضي اي ڪي بروهي صاحب کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا هئا. هت هيءَ ڳالهه به ڪرڻ چاهيان ٿي ته نواب اڪبر بگٽيءَ جي والد ننڍڙي ڄمار ۾ئي کيس محترمه ايلسا قاضيءَ جي نگراني ۾ ڏيئي ڇڏيو هو. ڪراچي ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو گهر اُت هوندو هو جت سائين جي ايم سيد جي رهائش گاهه آهي. سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته اڪبر بگٽيءَ جي والد اُن دور ۾ پنهنجي پٽ کي محترمه ايلسا قاضي جي نگرانيءَ ۾ ڏنو مطلب ته هو پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏيارڻ سان گڏوگڏ پنهنجي پٽ کي قبائلي نظام کان پري رکڻ پئي چاهيو. اهو سڀ ڪجهه اڪبر بگٽي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو. اُن انٽرويو ۾  جنهن ۾ مرڪ آڻي اڪبر بگٽيءَ اُن ننڍڙي پارسي ڇوڪريءَ جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪا پنهنجي گهر جي آڳر ۾ فراق ۽ ڪڇو پائي جهولي ۾ لڏندي هئي ۽ اڪبر بگٽي ان کي گيلريءَ مان ڏسندو هو. اُنهن جي ٿوري گهڻي پاڻ ۾ ٻراڻي دوستي به هئي. اڪبر بگٽي ڏهن سالن جو هو ته سندن والد گذاري ويو ۽ اُن پڙهائي ڇڏي وڃي پڳداري سنڀالي جيڪو قبائلي نظام اُن کي مليو اُن ۾ اُن کي رهڻو پيو. مان سوچيندي آهيان، جيڪڏهن اڪبر بگٽي محترمه ايلسا قاصي جي هت هيٺ رهي ها ته هن مهل هڪ ٻيو اڪبر بگٽي هجي ها. هي هڪ الڳ بحث آهي مان صرف اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته اسان جي ڏاهن جي چيچ جهلڻ وارا به ڏاها هئا تڏهن ته هو علم جي دنيا ۾ شاهڪار تخليق ڪري ويا. هي جيڪو ڪتاب آهي اي ڪي بروهي صاحب جو ”ڳالهيون ڳجهه اندر جون“ اُن ۾ لکندڙ ڪيترن ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن. اي ڪي بروهي صاحب علم وارا هئا اُن ڪري جو اُنهن جا مُڪتاب پڙهيا هئا. ڪتاب، ماحول ۽ انساني واسطيداريون هڪ لکندڙ ۾ اُتساهه پيدا ڪنديون آهن. اهڙي طرح زاهد علي مگسي صاحب به ڪتاب پڙهڻ جو ڪوڏيو هو. مان جڏهن ڪراچيءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ مختلف ٻنهي جي پروگرامن ۾ ويندي هئس ته اُنهن سڀني پروگرامن ۾ مونکي مگسي صاحب نظر ايندو هو ڪرسيءَ تي ويٺل ٻڌڻ وارو. پاڻ طبعزاد به لکيو پر ترجما گهڻا ڪيا اٿس. اُنهن ترجمن جي چونڊ ڏسڻ کانپوءِ سندن ذوق ۽ شوق جي خبر پوي ٿي.

ڪراچي ۾ رهي ڪري سگا جي سحر کان پاڻ کي ڪير به بچائي نه ٿو سگهي. پاڻ سگا ڊي ايم سي جا مميبر هئا. مهراڻ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا ڪارڪن هئا. سنڌ ماڊل اسڪول جا اعزازي پرنسپال به رهيا. بعد ۾ سيڪريٽري به رهيا.

اي ڪي بروهي صاحب شاهه لطيف جو وڏو پارکو هو، علامه آءِ آءِ قاضي علم جو خزانو هو. اُن سان وابستگي اي ڪي بروهي لاءِ هڪ نعمت کان گهٽ ڪونه هئي.

اڳتي هلي اي ڪي بروهيءَ جو سياست ۾ حصو وٺڻ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ.. وڏن عهدن تي رهي وقت جي حڪمرانن سان ملي ڪري زندگي ۾ کانئس ڪي ڪوتاهيون به ٿيون هونديون اي ڪي بروهيءَ کان اي ڪي بروهي ۽ علي احمد بروهي…. ٻه ڀائر هوڏانهن وري پير حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد راشدي به ٻه ڀائر. جڏهن اُنهن جي زندگيءَ کي الڳ الڳ پرکبو ته الڳ الڳ حقيقتون سامهون اينديون.

مان مبارڪ ڏيان ٿي پروفيسر زاهد مگسي جي خاندان کي جن هي ڪتاب ڇپرايو آهي. اميد ٿي رکان ته هو جلد از جلد سندن سڀ ڪتاب ڇپرائي ڇڏيندا. زاهد علي مگسي صاحب کي زندگي مهلت نه ڏني. هن جي وارثن کي مهلت، پيار ۽ احساس آهي. ٿي سگهي ٿو انهن جي ايندڙ نسل ۾ اهو احساس نه هجي. ان ڪري هڙان وڙان ڪجهه به ڪري اُنهن جا ڪتاب ڇپائڻ گهرجن. ڇو ته ڪتاب جي ئي اهميت هوندي آهي. ڪتاب تاريخ جي ورقن ۾ لکجي ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.