اسين جنهن ملڪ جا رهواسي آهيون اهو 1947ع ۾ قائم ڪيو ويو جنهن جو نالو پاڪستان رکيو ويو. پر وقتي ۽ حڪومتي تبديلن قانونسازي ته ڪئي پر ڪجهه اهڙا قانون به پاس ڪيا. جن تي اڄ ڏينهن تائين عملدرآمد نه ٿي سگهيو جنهن جو مثال سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪيل آرڊيننس 2016ع تحت سنڌ جي بزرگ شهرين جي حقن جي تحفظ لاءِ سنڌ سينيئر سٽيزن ويلفيئر جو پاس ٿيل ايڪٽ آهي. جيڪو به پڻ عملدرآمد نه هئڻ ڪري حڪومتي فائلن اندر موجود آهي پر. حڪومتون شهرين کي بنيادي سهولتن سميت سمورن قانوني حقن ڏيڻ جي پابند هوندي آهي پر اسان وٽ ائين ڪونه ٿي رهيو آهي اسان جي ملڪ سميت سنڌ صوبي جي آبادي ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي ۽ آبادي جي واڌ سبب ماڻهن جي بينادي مسئلن ۾ پڻ وڌارو ٿيندو رهي ٿو. اسان جي معاشري جو اهم حصو جيڪو پنهنجي پوري ڄمار سخت محنت، مشقت ذريعي ملڪ، قوم ۽ پنهنجي ٻچڙن لاءِ جوانيءَ کان بزرگي تائين جدوجهد ڪندي گذري وڃي ٿي ۽ جڏهن هو 60 سال جي عمر ۾ پهچي ٿو ته تنهن بعد سرڪار توڙي نجي ادارن جن جي هن سڄي ڄمار خدمت ڪندي گذاري سي ادارا به ان کي الوداع چئي روزگار کان الڳ ڪن ٿا.
اهڙي صورتحال ۾ فقط پينشن ته ان شخص کي ملي ٿي پر انهن جي سار سنڀال ڪرڻ وارو ڪو نه آهي ايسيتائين جو سندس پنهنجا گهر ڀاتي به بيزار ٿيو وڃن ٿا. ان ڏس ۾ 60 سالن کانپوءِ حڪومت سنڌ کي خيال آيو ته اسان وٽ هڪ حصو 60 سال کان مٿي واري عمر وارن جو آهي. جن کي سينيئر سٽيزن جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ان طبقي لاءِ 2014ع ۾ سنڌ اسمبلي ۾ قانون آندو ويو ۽ جنهن کي 2016ع ۾ سنڌ سينيئر سٽيزن ويلفيئر ايڪٽ طور پاس ڪيو ويو جنهن تي اڃا تائين عملدارآمد نه ٿيو آهي. سنڌ جي بزرگن جي حقن جي تحفظ لاءِ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن هيلپ ايج انٽرنيشنل جي سهڪار سان 23 اپريل 2019ع تي ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ميڊيا سينسيٽائيزيشن ورڪشاپ ڪئي وئي.
جنهن جو مقصد بزرگ شهرين جي حقن لاءِ منظور ٿيل سنڌ سينيئر سٽيزن ويلفيئر ايڪٽ متعلق ڄاڻ ڏيڻ ۽ ان ۾ ميڊيا جي اهم ڪردار تي زور ڏنو ويو. ورڪشاپ ۾ ڪراچي جي مختلف ميڊيا سان واسطو رکندڙ صحافين، ڪالم نويسن، سماجي مسئلن تي ريسرچ ڪندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.
هيلپ ايج انٽرنيشنل جي ايڊووڪيسي مينيجر وقاص قريشيءَ ٻڌايو ته سڄي دنيا ۾ هن مسئلي کي انتهائي اهميت سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ڪيترن ئي ملڪن سينيئر سٽيزن جي حقن لاءِ قانون ۽ پروگرام ٺاهيا آهن جن ۾ بزرگ شهرين کي سندن گهربل حق ڏنا وڃن ٿا.
وقاص قريشي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته هر سيڪنڊ ۾ 2 ماڻهو پنهنجي 60 سالن جي سالگرهه ملهائين ٿا ۽ هن وقت هر 9 ماڻهو مان هڪ ماڻهو 60 سالن جو آهي، جنهن جو تعداد تمام تيزي سان وڌي رهيو آهي. اهڙي طرح سان 2050ع تائين هر 5 ماڻهن مان 1 ماڻهو 60 سالن جو هندو. يعني بزرگ ماڻهن جو تعداد وڌي ويندو. ان ڪري هيلپ ايج دنيا جي 60 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪاميابي ماڻي رهي آهي.
وقاص قريشي وڌيڪ ٻڌايو ته 2013ع ۾ سنڌ ۾ 107 او پي ايز (بزرگ دوست تنظيمون) ٺاهي، علائقائي سطح کان صوبائي سطح تي پيروڪاري ڪري سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرايو جنهن کي سنڌ سينيئر سٽيزن ويلفيئر ايڪٽ 2014ع چيوپيو وڃي. پر جيئن ته بدقسمتي سان هن وقت تائين ڪابه خاطر خواهه اڳڀرائي ناهي ٿي، اسين هن پراجيڪٽ جي وسيلي ۽ توهان سڀ ميڊيا دوستن جي تعاون سان واسطيدار ادارن تائين رسائي حاصل ڪريون ته جيئن قانون تحت گڏيل جدوجهد ٿي سگهي.
پراجيڪٽ جي ڪوآرڊينيٽر ماريه سومرو پروجيڪٽ ۽ پاس ڪيل قانون تي تفصيلي ڳالهائيندي بڌايو ته هن قانون موجب بزرگ شهرين جي حقن لاءِ سنڌ اسيمبلي بل پاس ڪيو آهي ۽ هاڻي اسين توهان ميڊيا ۽ ٻين واسطيدار ادارن سان گڏجي هن قانون کي عملي جامو پارائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. هن پاس ڪيل قانون ۾ هيٺيون ڏنل مراعتن جي باري ۾ معلومات ڏني وئي.
بزرگ شهرين جي صحت لاءِ الڳ قسم جا ميڊيڪل وارڊ قائم ڪرڻ ۽ علاج معالجي جي مد ۾ 25 سيڪڙو رعايت ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ.
هن ايڪٽ جي تحت سينيئر سٽيزنس کي ڪرائي جي مد ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڏني وئي آهي چاهي روڊ، ريل ۽ هوائي جهاز هجي.
ٻين سرگرمين جيئن پارڪ، ميوزيم، پارڪنگ ۾ به 25 سيڪڙو تائين رعايت ڏني وئي آهي.
ايڪٽ جي تحت ضلعي سطح تي بارگ شهرين جي رهڻ لاءِ اسپيشل سينٽر قائم ڪيو وڃي جنهن ۾ انهن لاءِ هڪ سازگار ماحول مهيا ڪيو وڃي.
ٻين ملڪي ۽ بين الاقوامي اين جي اوز سان گڏجي بزرگ شهرين جي ڀلائي لاءِ مختلف قسمن جا منصوبا جوڙيا وڃن.
ورڪشاپ ۾ سول سوسائٽي جي اڪبر علي رانا، ميڊم ثمينه، اسسٽنٽ پروفيسر آغا خان يونيورسٽي اسڪول آف نرسنگ پڻ بزرگ شهرين جي حقن تي روشني وڌي ۽ سماج ۾ سينيئر سٽيزن سان ٿيندڙ زيادتين تي ڳالهايو. ميڊم ثمينه ان ڳالهه تي متفق ٿيندي چيو ته گڏيل ڪوششن سان ئي اسان هن ايڪٽ کي صحيح طريقي سان يقيني بڻائي سگهون ٿا.