ڪنهن به مهذب قومن پنهنجي وجود کي برقرار رکي زماني سان بهتر نموني، اٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ ۽ هڪ ٻئي سان رابطا ڪرڻ لاءِ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي. هٿ جو پورهيو ذهانت ذريعي هنر، فن، ادب، علم ۽ شعور جي سڃاڻپ سان گڏوگڏ سماجي حيثيت کي مان ڏنو ويو ۽ خاص سڃاڻپ طور مشهور ٿي. ثقافت جا رنگ الڳ الڳ آهن دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رهندڙ هر ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي سڃاڻپ رکندڙ ڪنهن به نمايان ڪم جو وارث آهي. سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت، تهذيب دنيا جي شاهوڪار ٻولي ۾ نمايان حيثيت جي وارث آهي. ڪن تعليمدانن، ماهرن، تاريخدانن جو سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ رليءَ لاءِ چوڻ آهي ته ڌرتي ۽ آسمان جي مشابهت سان ٺهيل ثقافت جا رنگ اجرڪ آسمان جي نيري ۽ ڳاڙهي رنگ سان ٺاهيو ويو. سڄي اجرڪ ۾ تارن جي جهرمٽ بلڪل ائين آهي جيئن آسمان ۾ تارا نظر اچن. وري رليءَ جي اهڙي خوبصورتي جو مٿانهين کان ڏسبو ته ڄڻ سڄي رنگ برنگي زمين نظر ايندي. ٻنيون ٻارا، باغيچا رليءَ جي ڊزائن ۾ موجود هوندا. هاري جي محنت ۽ سنڌي عورت جي هٿ جي محنت بلڪل هڪجهڙي هوندي. اها آهي ثقافت جي سڃاڻپ. ڌرتي ۽ آسمان جي قدرتي نظارن ۽ رنگن کي سميٽبو. ثقافت تاريخ ۽ قومن جي سڃاڻپ هوندي آهي.
ٻوليءَ جي بچاءُ جي تمام گهڻي ڳالهه ٻولهه ٿئي پئي. پر ٻوليءَ ۾ ڪهڙن لفظن جي غلط استعمال سان انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم ئي بدليو وڃي. انهيءَ بگاڙ واري لفظن سان قومن جي سڃاڻپ کي ڌڪ رسي ٿو. تنهن کي درست هئڻ گهرجي. مثلن ڪارو ڪاري رسم ناهي رسمون اهي آهن جيڪي ڀائيچاري جو ثبوت ڏين. هڪ ٻئي سان ڏک سک ونڊڻ لاءِ سڀني کي ميڙ ڪٺو ڪن. برادري جوڙين، ڪٺ ڪري ڳيچ ڳائن ۽ خوشين ۾ شريڪ ٿين. هڪ ٻئي جي خير خيريت وٺن. سماج جي اٿڻ ويهڻ لباس جو خاص خيال وقت آهر تبديليءَ جو اچڻ جديد دنيا جي ضرورتن آهر تبديلي ڪرڻ معيوب نه سمجهيو ويندو. پر تنهن هوندي به سماجي قدرن جو خيال رکن ضروري هوندو آهي. اظهار جي آزاديءَ لاءِ اسلام عورت جي اظهار تي ڪا بندش ناهي رکي. بلڪه ڪنهن ٻئي مرد کي قبولڻ کان اڳ سندس رضامندي کي اوليت ڏني آهي خاص طور نڪاح قطعي قبول ناهي جيسين عورت ها نه ڪري. سندس آڱوٺو يا صحيح ڪرڻ لازمي هوندو.
سماج ۾ رسم جي ڪهڙي اهميت آهي ۽ ڪهڙي قدر جي نگاهه سان سڃاتي وڃي ٿي. ان سڄي صورتحال ۾ ڪٿي آهي ته ڪنهن عورت جي مرضيءَ تي هوءَ ڪاري ٿي وئي. ڇوڪري ۽ ڇوڪري جو بغاوت ڪري پيءُ ماءُ جي مرضيءَ کانسواءِ گهر کان هليو وڃڻ مان ذاتي طور انهيءَ جي حمايتي ناهيان. ڇاڪاڻ جو جيڪو ڇوڪرو پهرين تحفظ ۽ حفاظت جو بندوبست نٿو ڪري ۽ پوءِ اپيلون ڪري ته حڪومت تحفظ ڏئي تنهن کان بهتر هوندو ته پنهنجي پيءُ ماءُ کي اعتماد ۾ وٺو. ماءُ، 9 مهينا پيٽ ۾ سانڍي ڏينهن راتيون اوجاڳا ڪري پرورش ڪري ٿي. هن کي ڳالهائڻ، هلڻ، گهمڻ، جي قابل بڻائي ٿي. محبت ته ماءُ جي جهول ۽ ڇاتيءَ سان کير پيارڻ ۾ ٻار کي ملي ٿي. مٺڙن ٻولن سان لولي ڏئي ٿي. جيڪڏهن ماءُ جي پالنا ۾ ٻيائي ۽ نفرت هجي ته انسان ۾ محبت جو جذبو پيدا ئي نٿو ٿي سگهي. غربت، مفلسي، بيماريءَ جي حالت ۾ به نه چوندي ته ڪير ٻيو هن کي پالي. تنهنڪري اڻ ٽٽ پيءُ ماءُ جي رشتي کان منهن موڙڻ سندن لازوال محبت سان انصاف ناهي. نتيجي ۾ محبتن جا 80 سيڪڙو رشتا يا ته پڇتاءُ ڪندا يا ٽٽي ويندا. انجو قطعي اهو مطلب ناهي ته عورت جي مرضي بنا زبردستي شادي ڪئي وڃي. لامحالا زندگي ان ڇوڪري يا ڇوڪري کي گذارڻي آهي. انهيءَ ڪري اعتماد جا رشتا اعتماد سان ئي جڙندا آهن.اعتماد سماجي قدر به آهي ته رسم به. ڪنهن اهڙي جذباتي فيصلي سان سماج جي قدرن کي چٿي تڪليف ڏيڻ بربادي آهي. رشتن جي ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ پنهنجي ذات ۽ ضمير جي عدالت ۾ اڪيلو ڪرڻ جي برابر آهي.
تعليم، انسان جي سجاڳيءَ جو روح آهي. جيڪڏهن تعليم ناهي ته ڄڻ لٺ کڻي اپاهج وانگر هن جديد دور ۾ سماج ۾ هلڻ برابر آهي. انهيءَ ڪري سمجهڻ گهرجي ته ٻارن جي امتحانن دوران ڪاپي ڪرڻ واري رجحان کي ڪلچر چوڻ بجاءِ نااهلي سمجهيو وڃي. انهيءَ نااهليءَ ۾ ڪير ڪيترو ذميوار آهي. ڇا ڪاپي ڪلچر سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به غلط رجحان ۾ استعمال ٿي سگهي ٿو. حيرت آهي ته عام ماڻهوءَ جي ٻوليءَ ۾ ته اهو لفظ آهي پر ڪافي پڙهيل لکيل به چون. ڪاپي ڪلچر قومن ۽ مستقبل جي معمارن ۽ سڌريل ملڪن جي مقابلي ۾ جيڪڏهن پنهنجي نسل کي شامل ڪرڻو آهي ته ڪاپي ڪرڻ واري لاڙي کي ختم ڪرڻ ۾ استاد، پيءُ ماءُ، معاشري جي اهم رهنمائن کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ٻار اڻ گهڙيو ڪاٺ ۽ ڪچي مٽيءَ جي گهڙي برابر آهي. جنهن کي ٺاهڻ وڏن جي ذميواري آهي.
دنيا جي ڏانهن جو چوڻ آهي ته قومن کي تباهه ڪرڻو آهي ته تعليم کان محروم رکي انهن جي وڌندڙ نسلن جي صحيح لاڙي کي ختم ڪري منتشر ڪيو ته اهي قومن پاڻهي زوال پذير ٿي وينديون. اڄ جي دور ۾ تعليم کي تباهي طرف وٺي وڃڻ لاءِ اهو رجحان عام ٿيندو پيو وڃي. موجوده حڪومت ڪجهه اُپاءُ ورتا آهن. پر انهن هوندي به امير ۽ غريب جو قانون الڳ آهي. آڳاٽي زماني ۾ ڪاپي ڪرڻ جو رجحان معنيٰ ڪنهن به ترقيءَ واري عمل کي سمجهڻ ۽ انهيءَ مطابق شين جو ٺاهڻ. سٺي عمل جي ڪاپي غلط نه آهي. مثلن شاگرد پنهنجي سٺي استاد جي ڪاپي ڪندا گهر ۾ دوستن ۾ تعريف ڪندا مثال ٻڌائي چوندا ته مان ته هن جهڙو ٿيندس، اهو عمل ترقي ۽ سٺائي جو آهي. پر اڄ جي دور ۾ جڏهن 40 سيڪڙو ئي صحيح استاد بدديانتي ۽ ٻارن سان ويساهه گهاتي ڪرڻ مثلن سٺن پيپرن ۾ به گهٽ مارڪون ڏيڻ اڪثر امتحانن جو صحيح نتيجو نه اچڻ ٻارن ۾ ڪافي مايوسي پيدا ڪري ٿو ۽ پوءِ ٻار غلط رستي تي وڃي ٿو.
ٻيو رجحان آهي ڌاڙيل ڪلچر، ڀلا ڌاڙيل ڪلچر ڪهڙي مهذب قوم جي مهذب سڃاڻپ آهي. ڌاڙيل سان گڏ ڪلچر ڏٺو وڃي ته ڪلچر ڏاڍو مٺڙو لفظ آهي جنهن ۾ انسان جي وجود بقا جي سڃاڻپ سمايل آهي. انهيءَ ڪري ڪنهن به غلط رجحان کي ڪلچر سان نه جوڙيو وڃي.