صحت عوام جو بنيادي حق آهي، دنيا جي ڪهڙي به رياست هُجي پوءِ ڀل اها ترقي يافته هُجي يا ترقي پذري هُجي ان جو فرض آهي ته سڀ کان پهريان عوام کي صحت جون سهولتون مهيا ڪري، صحت جي سهولتن جي حوالي سان صحت متعلق دنيا جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جي هڪ رپورٽ جو چوڻ آهي ته پاڪستان بحيثيت هڪ ملڪ جي صحت جي شعبي ۾ پنهنجي عوام لاءِ پنهنجي جي ڊي پي جو رڳو 2.8 سيڪڙو بجيٽ خرچ ڪري ٿو جيڪا بجيٽ دنيا جي ڪنهن ترقي پذير ته ڇا پر دنيا جي ڪنهن پٺتي پيل ملڪ جي بجيٽ کان به گهٽ آهي، پاڪستان جي صحت جي شعبي تي خرچ ايندڙ اهڙي بجيٽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کان به گهٽ آهي جيڪا ڳالهه انتهائي افسوس لائق آهي.
پاڪستان ۾ حڪومتي سطح تي عوام لاءِ جيڪي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون انهن جو ڳاڻيٽو ۽ اهميت پنهنجي جاءِ تي پر هتي سوال هي آهي ته پاڪستان اندر ڪم ڪندڙ سرڪاري توڙي صحت جا خانگي ادارا عوام کي صحت جي ڏس ۾ بنيادي سهولتون پنهنجيون ذميواريون نڀائيندي مهيا ڪري رهيا آهن يا نه، باقي ڳالهيون پوءِ جون آهن.
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ صحت جي حوالي سان صورتحال انتهائي ڳنڀير آهي، ايتري قدر جو خانگي شعبي ۾ هلندڙ اسپتالن جي حالت به ڪنهن به طور تي اطمينان واري نٿي چئي سگهجي، جو هر روز جي بنيادن تي سڄي ملڪ جي ميڊيا پوءِ ٽي وي چينل هجن توڙي اخبارون انهن ۾ اهڙيون خبرون اينديون رهن ٿيون جن ۾ اسپتالن جي نااهليءَ سبب ڪيئي هنيانءُ ڏاريندڙ سانحا بيان ڪيل هوندا آهن. اهڙي صورتحال پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ تمام سنگين نوعيت جي آهي ۽ وري سنڌ ۾ سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ حالت تمام گهڻي خراب آهي ۽ ويتر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي وڏين خانگي اسپتالن آغا خان، لياقت ميموريل، سول اسپتال، جناح اسپتال، دارالصحت سميت شهر جي ٻين انيڪ اسپتالن ۾ صورتحال انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي پر جي وري ڪراچيءَ جي ڪچي آبادين، پوئتي پيل علائقن سميت ڪراچيءَ جي ٻهرارڙين وارن علائقن جو جائزو وٺنداسين ته اتي ننڍين ننڍين ڪيلنڪس ۾ ويٺل عطائي ڊاڪٽرن جو ظلم پنهنجي عروج تي هوندو آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ افسوس جي ڳالهه اها هوندي آهي ته ملڪ سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عوام سان صحت جي شعبي ۾ ٿيندڙ اهڙين زيادتين ۽ ظلمن جو ڪوبه نوٽس نه وٺندو آهي، نه انتظاميا، نه حڪومت ۽ نه ئي وري پارليامينٽ ۾ ان تي ڪو بحث ٿيندو آهي جنهن مان محسوس اهو ٿيندو آهي ته حڪومت لاءِ عوام جي صحت ڪا اهميت واري ايجنڊه نه آهي، اها هڪ انتهائي تلخ حقيقت آهي ته سنڌ ۾ عوام لاءِ تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي حڪومت جي ايجنڊا ۾ شامل نه آهي.
سنڌ جي اسپتالن ۾ گذريل ڪجهه ئي ڏينهن ۾ جيڪي انسانيت سوز واقعا پيش آيا آهن اهي سڀ جو سڀ هت بيان ڪري نه ٿا سگهجن پر انهن مان ڪجهه واقعن جو ذڪر ضروري آهي،
ڪجهه ئي ڏينهن ٿيندا ته ڪراچيءَ جي جوهر واري علائقي ۾ قائم هڪ خانگي اسپتال دارالصحت ۾ ڊاڪٽر جي غفلت ۽ غلط علاج سبب هڪ نون مهينن جي نينگري نشوا جي حالت خراب ٿي وئي، نشوا جي والد موجب ته کيس هاءِ پوٽينسي دوا جو ڊوز ڏنو ويو جنهن ڪري نشوا جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن کي اسپتال جي انتظاميا هڪ هفتي تائين وينٽيليٽر تي رکيو جڏهن نينگريءَ کي وينٽيليٽر تان هٽايو ويو ته هوءَ پيرا لائزڊ ٿي چڪي هُئي، ان وچ ۾ اسپتال دارالصحت جي انتظاميا غلط بيان ۽ رپورٽون جاري ڪندي رهي جن ۾ ٻڌايو پئي ويو ته نشو جي حالت بهتر ٿي رهي آهي کيس نليءَ ذريعي خوراڪ به ڏني پئي وڃي، سندس صحت جلد ئي بحال ٿي ويندي.
نشوا جي غلط علاج سبب جڏهن سندس مائٽن کيس ٻي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ته کين پتو پيو ته نشوا جي غلط علاج ڪري سندس دماغ جو هڪ وڏو حصو متاثر ٿي چڪو آهي، جنهن جي بحالي هاڻي ناممڪن آهي. آخري ڪار نشوا غلط علاج جي ڏهين، يارهين ڏينهن بعد وفات ڪري وئي سندس وفات جا منظر به انتهائي درد ناڪ آهن.
نشوا جڏهن اڃا دارالصحت اسپتال ۾ داخل ئي هُئي ته سول سوسائٽي ۽ ميڊيا انهيءَ ڪيس کي هاءِ پروفائل ڪيس طور کنيو ايتري قدر جو سول سوسائٽي اسپتال جي ٻاهران مسلسل مظاهرا پڻ ڪيا، ٻئي پاسي سنڌ حڪومت به ان جو سختيءَ سان نوٽس وٺندي اسپتال کي سيل ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ان سانحي جو افسوس جوڳو پهلو اهو آهي ته جڏهن نشوا جي والد انصاف لاءِ اپيل ڪئي ته اسپتال انتظاميا کيس ڌمڪيون ڏنيون ۽ سخت نتيجا ڀوڳڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو.
ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو واقعي ڪورنگي نمبر 5- جي سول اسپتال ۾ پيش آيو جتي ڊاڪٽرن 19- سالن جي هڪ نياڻي عصمت کي غلط انجيڪشن لڳائي جنهن ڪري هوءَ فوت ٿي وئي پر بعد ۾ نينگريءَ جي جڏهن پوسٽ مارٽم رپورٽ آئي ته ان ۾ اهو انڪشاف ٿيو ته نينگريءَ کي زوري زيادتيءَ جو نشانو بنائڻ بعد ڊاڪٽر زهر جي انجيڪشن هڻي کيس هميشه لاءِ خاموش ڪرائي ڇڏيو، نينگري ڏند ۾ سور جي شڪايت سبب ڪورنگي نمبر -5 جي سرڪاري اسپتال ويل هُئي ، مائٽن جڏهن اهڙي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ته ٽن مان ٻه جوابدر گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته ٽيون اهم جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن کي پوليس اڃا گرفتار ڪري نه سگهي آهي.
ڪورنگيءَ ۾ وري ٻئي ڏينهن تي به هڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ نينگريءَ کي تيز بخار ۾ ڪيلنڪ تي آندو ويو ته ته ڊاڪٽر کيس انجيڪشن هڻي ڇڏي، جڏهن ته نينگريءَ جي والد به ڊاڪٽر کي سمجهايو ته تيز بخار ۾ انجيڪشن نه هڻبي آهي پر تنهن هوندي به ڊاڪٽر نينگريءَ کي انجيڪشن هڻي ڇڏي، جنهن ڪري رات دير سان نينگري فوت ٿي وئي.
ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس جي اسپتال ۾ وينٽليٽر نه هجڻ ڪري ٻه ٻارڙا تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا، ٻارڙن جي والد عبدالستار ملاح جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ هڪ ته ڊاڪٽرن ٻارن جو معدو صاف ڪرڻ ۾ دير ڪئي ۽ ٻيو ته وينٽيليٽر نه هجڻ ڪري ٻارڙن جي ساهه کڻڻ جي تڪليف براقرار رهي جنهن ڪري ٻئي ٻار فوت ٿي ويا.
خيرپور ۾ ناري تعلقي جي ڳوٺ خدا بخش ڀنڀري جي رهواسي عورت مسمات رضيه زال بهادر ڀنڀرو کي خيرپور جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج دوران ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿي وئي. فوتي عورت جو پيءُ بچل ڀنڀري جو چوڻ هو ته مسمات رضيه ڀنڀرو جو ڪجهه ڏينهن اڳ ويم ٿيو هو جنهن بعد کيس وري عورتاڻي تڪليف ٿي جنهن ڪري خيرپور شهر ۾ ڊاڪٽر جاويد سمون جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو جتي اسپتال انتظاميا اڳواٽ پنجاهه هزار روپيا ورتا تنهن هوندي به اسپتال انتظاميا رضيه جي آپريشن بعد ان جي علاج ۾ مبينا طور غفلت ڪئي جنهن سبب سندس موت واقع ٿيو.
سول اسپتال لاڙڪاڻي جي او پي ڊي ۾ پڻ تعلقي ميھڙ جي ڳوٺ ڌڻي بخش جتوئي واسي شگر جو مريض پيرسن محمد سچل جتوئي فوت ٿي ويو.جڏهن ته فوتي پيرسن جي وارثن ڊاڪٽرن مٿان علاج ۾ غفلت جو الزم هنيو ۽ او پي ڊي ٻاهران پيرسن جو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ڊاڪٽرن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي.ان موقعي تي فوتي پيرسن جي پٽ مسعود احمد جتوئي ٻڌايو ته منهنجو والد ڌڻي بخش جتوئي ڪيتري ئي عرصي کان شگر جي مرض ۾ ورتل آهي جنهن کي علاج لاءِ او پي ڊي وارڊ ۾ آندو.
هن الزام لڳايو ته او پي ڊي جي وارڊ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ پيرسن پيءُ جي طبيعت خراب رهي جڏهن ته اسان ڊاڪٽرن کي ايلاز منٿون ڪيون پر هنن سندس جو معائنو نه ڪيو، جنهن ڪري هو تڙپي تڙپي فوت ٿيو آهي.
پنو عاقل جي تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب ڳوٺ مبارڪ پور جي رهواسڻ مسمات راڻي زال ميرزادو ميراڻي کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنو عاقل آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران علاج کان انڪار ڪرڻ تي عورت تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. عورت جي مڙس ميرزادو ۽ ٻين وارثن پاران تعلقي اسپتال پنو عاقل ۾ ڊاڪٽرن جي غفلت ۽ اسپتال عملي خلاف احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته اسان جي عورت بيمار هئي، اسپتال ۾ علاج لاءِ آياسين پر ڊاڪٽرن علاج کان ٺپ انڪار ڪيو جنهن سبب اسان جي عورت اسپتال ۾ علاج نه ٿيڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. هنن جو چوڻ هو ته تعلقي اسپتال اسان کي عورت سکر پهچائڻ لاءِ ايمبولينس به نه ڏني، ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته ملوث ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
مٿي ذڪر ڪيل ڪجهه خبرون ۽ رپورٽون اهو ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهن ته سنڌ جي سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ عوام سان علاج جي سلسلي ۾ ڪيتريون نه زيادتيون ٿي رهيون آهن جن جو هوند ته حڪومت ازالو ڪرڻ ۾ ڪنهن به طور تي سنجيده نه آهي. هن وقت نه صرف سنڌ جو سماج پر پوري پاڪستان جو سماج صحت جي معاملي ۾ انتهائي تنزليءَ جو شڪار آهي جنهن جو اندازو وفاقي حڪومت پاران ملڪ جي مجموعي بجيٽ ۾ عوام جي صحت جي شعبي لاءِ رکيل 2.8 سيڪڙو بجيٽ مان لڳائڻ مشڪل نه آهي.
هن وقت تقريبن دنيا جي هر ملڪ ۾ پوءِ اهو ٽين دنيا جو ملڪ هُجي يا يورپ جو ڪو ترقي يافته ملڪ هُجي ان ۾ عوام جي صحت جي سار سنڀال حڪومت جي اهم ذميوارين ۾ شامل آهن، جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ جيڪي ملڪ اچن ٿا تن ۾ هندستان، بنگلاديش ۽ چين ۾ پڻ عوام لاءِ طبي سهولتون پاڪستان جي ڀيٽ ۾ تمام بهتر آهن ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو پاڪستان ۾ عوام لاءِ طبي سهولتون بهتر نه ٿيون ٿين ۽ نه ئي وري انهن کي سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسپتالن ۾ تحفظ ملي ٿو.