مخالف ڌر جو ڊيم فنڊن بابت وڏو مطالبو…..

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر ڊيم فنڊ جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ ن جي ميمبر مريم اورنگزيب ڊيم فنڊ جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

مريم اورنگزيب چيو ته هن وقت تائين ڪيتري رقم ڊيم فنڊ ۾ جمع ٿي ۽ اها فنڊ ريزنگ ڪيستائين جاري رهندي؟ آبي وسيلن واري وزير چيو ته هو ڊيم فنڊ جي شفافيت کان لاعلم آهي.

علي محمد خان چيو ته حڪومت ڊيم فنڊ سميت هر معاملي ۾ شفافيت تي يقين رکي ٿي. آبي وسيلن وارو وزير ملڪ کان ٻاهر آهي، واپسي تي مڪمل تفصيل ايوان ۾ پيش ڪنداسين.

وزيرستان جي قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ چيو ته ڪرم تنگي ڊيم جي فيز ٽو ۾ اتر وزيرستان جي هڪ سڄي شهر جي ٻڏڻ جو خدشو آهي. وڏي وزير خاطري ڪرائي هئي ته اِهو ڊيم نه بڻجندو.

مواصلات واري وزير مراد سعيد چيو ته ڪرم تنگي ڊيم جي حوالي سان جرڳا ڪيا ويا. مقامي ماڻهن جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هي پاڪستان ۽ قبائلي علائقن جي فلاح جو منصوبو آهي،جيستائين هڪ هڪ شخص کي مطمئن نه ڪيو ڊيم نه بڻجدو.

صاحبزادي صبغت الله هڪ ڏينهن روزو ۽ هڪ ڏينهن عيد جو مسئلو به ايوان ۾ اٿاري ڇڏيو. هن چيو ته ڪهڙو سبب آهي جو ٻيهر رمضان مٿي تي آهي ۽ هڪ ڏينهن زورو ۽ عيد تي اسان متفق ناهيون ٿي سگهيا؟

مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري ايوان کي ٻڌايو ته رويت هلال ڪميٽي 1974ع ۾ قائم ڪئي وئي. روز ۽ عيد چنڊ ڏسي ڪئي ويندي آهي. هڪ ڏينهن روزو ۽ عيد تي قانون سازي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته ٽي وي چينلن کي پابند ڪرڻ گهرجي ته هو مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي اعلان کان پهرين چنڊ نظر اچڻ جو ڪو به اعلان نه ڪري. جيڪو ٽي وي چينل مرڪزي رويت هلال ڪمٽي جي اعلان کان اڳ اعلان ڪري ان کي سزا ملڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.