رپورٽ: سکر: عدالتي حڪم تي پريس ڪلب جي عمارت سيل

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ميونسپل ڪمشنر پير واحد بخش جي اڳواڻي ۾ ٽيم سکر پريس ڪلب جي عمارت کي سيل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد صحافين پاران روڊ خيما کوڙي پريس ڪلب قائم ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ميونسپل ڪمشنر کي حڪم ڏنو هو ته ٻن ڏينهن ۾ سکر پريس ڪلب جي عمارت سيل ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.

عدالتي حڪم تي ميونسپل ڪمشنر پير واحد بخش سکر پريس ڪلب کي تالا هڻي سيل ڪري ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته سکر پريس ڪلب جي عمارت پارڪ ۾ ٺهيل آهي، تنهن ڪري پارڪ تان قبضو هٽائڻ لاءِ عدالت حڪم ڏنو آهي.

ان موقعي تي پي ايف يو جي جي مرڪزي لال اسد چيو ته پريس ڪلب لاءِ متبادل هنڌ ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جڏهن ته پريس ڪلب سيل ڪرائڻ واري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي به سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته عدالتي فيصلو اچڻ تائين روڊ تي خيما کوڙي پريس ڪلب قائم ڪيو ويندو……………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.