رڳو 2 سيڪڙو جج ئي ڳرا آهن…..

اسان جو سسٽم تباهه ٿيڻ وارو آهي

لاهور(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته اسان جو سسٽم تباهه ٿيڻ وارو آهي ۽ رڳو 2 سيڪڙو وڪيلن سڄي سسٽم کي مفلوف ڪري رکيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سيد مظاهر علي اڪبر نقوي هڪ ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن جوڊيشل سسٽم ختم ڪري ٿا ڇڏيون ته ملڪ جهنگ بڻجي ويندو، اسان جو سسٽم تباهه ٿيڻ وارو آهي ۽ رڳو 2 سيڪڙو وڪيلن سڄي سسٽم کي مفلوج ڪري رکيو آهي، ڪنهن کي عدالتن کي هاءِ جيڪ نه ڪرڻ ڏينداسين، روس جي تباهي جو وڏو سبب اُتي اهم عهدن تي نااهل ماڻهن کي مقرر ڪرڻ هو.

جسٽس سيد مظاهر علي اڪبر نقوي جو چوڻ هو ته وڪيلن جي بهتر تربيت ناهي ٿي رهي جڙانوالا ۾ وڪيل جج کي ڪرسي وهائي ڪڍي ۽ زخمي ڪيو، 98 سيڪڙو وڪلن جو فرض آهي ته هو هن سسٽم جي بهتري ۽ عوام جي حق لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هتي ڪجهه ماڻهو ويهي عزت پيا ڪن جيڪو شايد الله جو ڪرم آهي نه ته حالتون ڏاڍيون خراب آهن.

جسٽس سيد مظاهر علي اڪبر نقوي چيو ته دير وارن حرٻن جي حوالي سان عدالتن کي اِهو معاملو ڏسڻ گهرجي،  ڪو ماءُ جو پٽ پيدا ناهي ٿيو جيڪو اسان کان فيصلو جو هڪ نقطو به هيٺ مٿي ڪرائي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.