اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب سڌارا بل تي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ رابطن جو انڪشاف ٿيو آهي.
قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم جو چوڻ آهي ته هو ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيب سڌارا بل ۽ عوام دوست قانون آڻڻ لاءِ مخالف ڌر وٽ ويندا رهيا آهيون پر حڪومتي تجويزن تي مخالف ڌر جو مثبت جواب ناهي مليو.
بيرسٽر ڊاڪٽر فروغ نسيم چيو ته اسان بدعنواني ۽ رشوت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون، نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ سينيٽ ۾ عوام دوست بل آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇا مخالف ڌر انهن بلن جي حمايت ڪندي.
قانون واري وزير چيو ته نيب سميت مختلف کاتا سوالن جا بروقت جواب نٿا ڏين ته ته پارليامينٽ ۾ گهرايو، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نويد قمر چيو ته اسان عوام دوست قانون سازي جي حمايت ڪنداسين.