سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي تهوفاقي سرڪار مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، جمهوريت سان ڪجهه ماڻهو ڊيل ريل ٿي ويا آهن ته الله کين هدايت جاري ڪري.
حضرت لال قلندر شهباز جي درگاهه تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو تھ سنڌ سرڪار عالمي ادارن سان سڌو رابطو ڪري رهي آهي، عالمي بئنڪ سان ٺاهه ٿي رهيا آهن، هن ڀيري صوبائي ترقياتي بجيٽ 100 ارب رپيه به نه هوندي، وفاقي سرڪار ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.
هن چيو تھ هلندڙ سال ڪابه ترقياتي اسڪيم شروع نه ٿا ڪري سگهون، روينيو جي اها صورتحال آهي ته هلندڙ رٿائون به ڏکيائين جو شڪار آهن، اين ايف سي ايوارڊ ۾ 120 ارب رپين جي کوٽ آهي، هلندڙ سال 8 ارب رپيه ملڻا هئا اتي به 4 ارب ڏنا ويا آهن.
مراد علي شاهه چيو ته وفاقي سرڪار طرفان مجموعي طور 127 ارب رپين جي کوٽ آهي، جيڪي فنڊ وفاقي سرڪار طرفان مليا تنهن جي رڳو پگهار جاري ڪئي وئي، الله نه ڪري وفاقي بجيٽ عوام خلاف هجي.
هن چيو ته سنڌ سرڪار وٽ ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي، سنڌ پوليس جي پگهار ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي.
سندس چوڻ هو ته وفاقي سرڪار هوش کان ڪم وٺي، ڪجهه چوندس ته چوندا ته اين آر او گهري رهيا آهن، ڪراچي ۾ ترقياتي رٿائون بند ٿيل آهن، هلندڙ سال ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، مطلب ٽيڪس چوري وڌي وئي آهي، وفاقي گاڏي ڌڪي اسٽارٽ ٿي وئي آهي جيڪا گهڻو وقت هلي نھ سگهندي………..