ڪورنگي جي چڪرا ڳوٺ ۾ انٽر نيشنل ھيومن رائٽس پاران ڪورنگي سنڌ گورنمنٽ اسپتال ۾ قتل ٿيل عصت خاڻيجو جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو .
ان موقعي تي انساني حقن جي اداري جي اڳواڻ وزير علي سومرو چيو ته ڪورنگي جي اسپتال ۾ ابراھيم حيدري جي نياڻي عصمت خاڻيجو کي زيادتي بعد زھريلي انجيڪشن ھڻي قتل ڪيو ويو.
انساني حقن جي اداري جي اڳواڻن غلام عباس تنيو ، ڪريم بلوچ ، الطاف علي شيخ، رياض علي سيٺار ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالھائيندي چيو ته جڏھن مسيحا ئي قاتل ھجن ته ڪيتريون عصمت پنھنجي عزت بچائينديون ھي عصمت جو قتل نه پر سنڌ جي عزت جو قتل آهي .
هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته مامري جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف قانوني ڪارراوئي ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ………………..