صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن جي سامونڊي فوج کي حجه صوبي ۾ سمنڊ ڪناري ڀرسان بارودي سرنگھون مليون آهن، اهي بارودي سرنگهون حوثي مليشيا طرفان وڇايون ويون هيون.
فوج عبس ضلعي ۾ مرسي حبل واري علائقي جي ڪنارن تي حوثين طرفان وڇايل سرنگھن جي ڳولا لاءِ هڪ وڏو آپريشن ڪيو. ڄاڻايل ضلعي کي ڪجهه عرصو اڳ باغين جي قبضي کان آزاد ڪرايو ويو هو.
حوثي مليشيا يمن جي علاقائي پاڻي ۾ سامونڊي باوردي سرنگھون وڇائڻ جي شروعات ان علائقي کان ڪئي هئي جيڪو بحر احمر ۾ بحري جهازن لاءِ وڏو خطرو آهي.
ٻئي پاسي الضالع صوبي ۾ يمن جي فوج ۽ مزاحمت ڪندڙن حوثين جي هڪ سموري فوجي ڪمپني کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. اها ڪمپني الفاخر جي علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب هڪ فوجي ذريعي ٻڌايو آهي ته ڪمپني ۾ شامل 20 کان وڌيڪ حوثين العود جي واري هنڌ پاڻ کي فوج ۽ مزاحمت ڪندڙن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. انهن ۾ حوثين جو هڪ ميجر جنرل ۽ 9 ٻيا آفيسر شامل آهن جيڪي ميجر کان ڪيپٽن جي وچ وارن عهدن جا آهن. هوڏانهن مريس جي محاذ تي يعيس جي علائقي ۾ يمني فوج ۽ مزاحمت ڪندڙن حوثي مليشيا کي توپ خانن ذريعي نشانو بڻايو. جنهن جي نتيجي ۾ 12 کان وڌيڪ باغي مارجي ويا آهن.