پنجاب اسيمبلي ۾ هنگامو، ن ليگ جي ٽن اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت معطل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب اسيمبلي ۾ هنگامي کان پوءِ اسيپڪر ٽن ن ليگي ميمبرن جي ميمبر شپ معطل ڪري ڇڏي.  پنجاب اسيمبلي ۾ مڪاني نظام واري بل کان شروع ٿيندڙ بحث هنگامي ۾ بدلجي وئي، ن ليگ بڪ جي ڪيترن ئي نڪتن تي اعتراض واريو جڏهن ته ن ليگي  ميمبر عظميٰ بخار ۽ ڊپٽي اسيپڪر ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي جنهن بعد عظميٰ بخاري ڊپٽي اسپيڪر خلاف نعريبازي پڻ ڪئي.

هنگامي دوران ن ليگي ميمبرن پير اشرف جي جملن ڊپٽي اسپيڪر کي وڌيڪ ڪاوڙائي ڇڏيو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر ن ليگي ميمبرن پير اشرف رسول، عظميٰ بخاري ۽ عبدالرئوف جي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي.

ان موقعي تي ن ليگي اڳواڻ ملڪ محمد احمد خان ايوان ۾ هنگامي تي حڪومتي کي ڇتي تنقيد جونشانو بڻايو جڏهن ته مخالف ڌر ڊپٽي اسپيڪر جي فيصلي خلاف ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.