سڄي ملڪ جي يوٽيلٽي اسٽورن تي 2 مئي کان رمضان پيڪيج جي شروعات ٿيندي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ جي يوٽيلٽي اسٽورن تي ٻه مئي کان رمضان رليف پيڪيج جي  شروعات ٿيندي جنهن تحت 19 کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي ڏني ويندي. سڄي ملڪ جي يوٽيلٽي اسٽورن تي ٻه مئي کان رمضان رليف پيڪيج جي شروعات ٿي رهي آهي، رمضان رليف پئڪيج تحت 19 کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي ڏني ويندي. يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته کنڊ تي پنج ۽ اتي تي چار رپيه في ڪلو تائين سبسڊي ملندي، جڏهن ته گيهه تي 15 ۽ تيل تي 10 رپيه سبسڊي ڏني ويندي. رمضان رليف پيڪيج تحت چڻي جي دال تي 20 رپيه، مڱن جي دال تي 15 ۽ ماش جي دال تي 10 رپيه سبسڊي ڏني ويندي. اڇي چڻي تي 25، بيسڻ تي 20 ۽ کجور تي 30 رپيه ڪلو سبسڊي ملندي. پڌرائي موجب باسمتي، سيلي۽ ٽوٽي چانورن تي 15 رپيه، شربتن جي 15 سئو ملي ليٽر بوتل تي 15 رپيه سبسڊي ڏني ويندي. يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن جو چوڻ آهي ته چانهه جي پتي تي في ڪلو 50 ۽ کنڊ تي في لٽر 15 رپيه ۽ سمورن مصالحن تي 10 سيڪڙو تائين سبسڊي ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.