لبنان ۾ حزب الله ، چندو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو

بيروت (ويب ڊيسڪ) آمريڪا طرفان لبناني شيعه مليشيا حزب الله جي مالي  وسيلا بند ڪري تنظيم جي مالياتي نيٽ ورڪ تي ڪاري ضرب لڳائي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ حزب الله روڊن تي ماڻهن کان چندو گھرڻ تي مجبور ٿي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڏکڻ لبنان جي روڊن تي بجلي جي پولن ۽ ٻين هنڌن تي  چندي جون پيتيون لڳايو ويون آهن جنهن تي مزاحمتي ڪميٽي جي مدد لاءِ حصو وجهندا جا لفظ لفظ لکيل آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب ايران تي آمريڪي پابندين به حزب الله کي مالي طور تي ڪمزور ڪيو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ حزب الله جي مالي نيٽ ورڪ تي وڌيڪ پابنديون لڳائي سگھجن ٿيون.

بيروت جي روڊن تي لڳل چندي جي پيتين تي طرح طرح جا نعرا لکيل آهن جن ۾ شهرين کي حزب الله لاءِ چندو ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.