چمن : عورت پوليو ورڪر جي قتل کانپوءِ سخت سيڪيورٽي ۾ ٻيهر مهم جي شروعات

چمن ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي چمن ۾ پوليو ٽيم تي حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ عورت ورڪر جي مارجڻ واري واقعي کانپوءِ هڪ ڀيرو وري سخت سيڪيورٽي ۾ پوليو مهم شروع ڪئي وئي آهي.

گذريل ڏينهن سلطان زئي جي علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پوليو ٽيم تي حملو ڪيو هو ۽ جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ عورت پوليو ورڪر حياتي وڃائي ويٺي جڏهن ته زخمي ٿي پئي هئي.

 مارجي ويل پوليو ورڪر نسرين کي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جنهن جي جنازي نماز اعليٰ سرڪاري عملدارن سميت قبائلي ۽ سياسي اڳواڻن به شرڪت ڪئي.

 ليويز اختيارين موجب پوليو ٽيم تي حملي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ اڻڄاتل دهشتگردن خلاف ليويز جي فرياد ۾ داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ دهشتگردي، قتل ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

ٻئي پاسي اڄ چمن ۾ ڊي سي شفقت انور شاهواڻي جي صدارت هيٺ پوليو مهم بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ صحت کاتي، صحت جي عالمي اداري، مختلف سيڪيورٽي ادارن جي اعليٰ عملدارن، ضعلي، تعلقي ۽ يونين ڪائونسل پوليو ڪميونيڪيشن سپورٽ سميت پوليو آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ پوليو ٽوڙ مهم بابت اهم فيصلا ڪيا ويا جنهن تحت چمن ۾ پوليو مهم اڄ کان ٻيهر شروع ڪئي وئي آهي. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر چوڻ هو ته سڄي ضلعي ۾ پوليو مهم ٻيهر شروع ڪئي وئي آهي، سمورين ٽيمن سخت سيڪيورٽي جي ڇانو ۾ لاڳاپيل علائقن ڏانهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.