نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ايئر فورس اختيارين (آءِ اي ايف) پهريون ڀيرو بالاڪوٽ ايئراسٽراِئيڪ بابت پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪندي تسليم ڪيو آهي ته ان حملي ۾ ڀارتي فضائيا گھربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي ايئرفورس جي رپورٽ جنهن جو عنوان “حاصل شده سبق” هو ان ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته ڀارتي ٽيڪنيشنز طرفان هٿيارن جي پروگرامنگ جي ڪوڊ ۾ تبديلي سبب ميراج 2000 ايئر ڪرافٽ پنهنجو گھربل هدف پورو نه ڪري سگھيو.
ڀارتي ايئرفورس اختيارين طرفان جاري ڪيل رپورٽ کان اڳ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج به هڪ تقريب دوران ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو ته بالاڪوٽ حملي ۾ نه ته ڪو پاڪستاني شهري يا فوجي هلاڪ ٿيو ۽ نه ئي ڪو شخص زخمي ٿيو.
ڀارتي ايئرفورس اختيارين جي تازي رپورٽ آسٽريليا جي اسٽريٽجڪ انسٽيٽيوٽ جي رپورٽ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڀارت جي پرسيشن گائيڊڊ هٿيارن (پي جي ايمز) جي پروگرامنگ کي صحيع طريقي سيٽ نه ڪيو ويو هو جنهن سبب ڀارتي ايئرفورس گھربل هدف حاصل نه ڪري سگھي.
اختيارين جي رپورٽ ڀارتي ايئرفورس طرفان ايئرڪرافٽ ۾ لڳل جديد سسٽم جي مهارت تي به سوال اٿاريا آهن. ڀارتي ايئرفورس جي هڪ سينيئر اهلڪار هندستان ٽائمز کي ٻڌايو ته بالاڪوٽ اسٽرائيڪ مان ثابت ٿيو ته ڪرافٽ ۾ جديد هٿيارن جي استعمال لاءِ ڀارت کي او اي ايم سسٽم جي اشد ضرورت آهي جيتوڻيڪ ان سسٽم جي لاڳت تمام گھڻي آهي.