رپورٽ:تلھار: شھري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تلهار کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ احتجاج

*تلھار ۾  شھري ايڪشن ڪاميٽي جي شهرين ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو .

شهرين ۽ سياسي سماجي ڌرين جمن ملاح ، علي حسن جت ، ڀٽو لاشاري ، يوسف ملاح ، جي اڳواڻي  ۾ احتجاج ڪيو .

 ان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته 2002 ۾ تلھار کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو پر اڃا تائين  تلھار جي رورل ھيلٿ سينٽر کي تعلقه اسپتال جو درجو ناھي ڏنو ويو.

 هنن چيو ته رورل هيلٿ سنيٽر کي تعلقه اسپتال جو درجو نه ڏيڻ ڪري  هتان جا مريض علاج لاءِ ٻين شهرن جي اسپتال ڏانهن  دربدر ٿين ٿا.

 هنن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته ترت سندن شهر جي صحت مرڪز کي تعلقه اسپتال جو درجو ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ………….

*******

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.